Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan
اها چئي رهي هئي: حَسْبِیَ اللہُ حَسْبِیَ اللہُ مون کي الله ڪافي آهي. مون کي الله ڪافي آهي. ([1])
بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صدقہ گناہوں سے ہر دم بچا یا الٰہی!
پيارا اسلامي ڀائرو! اها حديث پاڪ جيڪا مون اوهان کي ٻڌائڻ جي سعادت حاصل ڪئي، اها حديث شريف مشهور ڪتاب بخاري شريف ۾ به آهي ۽ امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ڪتاب مسندِ امام احمد ۾ به آهي. بخاري شريف ۾ ٿوري مختصر آهي، مسندِ امام احمد ۾ تفصيل سان آهي. مون مسندِ امام احمد واري روايت اوهان کي ٻڌائي آهي.
هن حديث پاڪ جي روشنيءَ ۾ پهرين ته ان ٻار جو شان ڏسو! ظاهر اهو ئي آهي ته اهو ڪو پيدائشي ولي الله هو، تڏهن ته * کير پياڪ عمر ۾ ڳالهيون به ڪري رهيو هو * زماني جا راز به ڄاڻي رهيو هو * ۽ ماءُ جيڪا وڏي عمر واري آهي، عقل مند به آهي، ان جون اکيون جيڪي ڪجھ نه ڏسي رهيون هيون، ان ننڍڙي ولي الله جون اکيون اهو به ڏسي رهيون هيون، علم جو شان ڏسو! کيس خبر هئي ته ظاهري طور تي شان ۽ شوڪت وارو شخص آخر ڪار جهنمي هوندو ۽ ظاهري طور تي ذلت کڻندڙ عورت الله پاڪ جي بارگاھ ۾ وڏو مقام رکندي آهي.
هن مان معلوم ٿيو؛ پيدائشي وليَ به ٿيندا آهن. يعني ايڏي شان وارا به ٿيندا آهن جن کي الله پاڪ ولي بڻائي ئي دنيا ۾ موڪليندو آهي * اَلحمدُ لِلّٰه! اسان جا پير، پيرن جا پير، پير دستگير حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه به پيدائشي ولي هئا * اعليٰ حضرت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه به پيدائشي ولي هئا * ۽ سندن شهزادو حضور مصطفيٰ رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه به پيدائشي ولي هئا * ٻي ڳالھ ان مان اها معلوم ٿي ته الله پاڪ ولين کي بلند نگاھ عطا