Achay Logon Ki Nishaniyan

Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan

نور روشن ٿيو ۽ هي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو.

سُبْحٰنَ اللہ!  پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو؛ الله پاڪ جنهن ٻانهي سان ڀلائي جو ارادو فرمائيندو آهي، ان کي آزمائش ۾ مبتلا فرمائي ڇڏيندو آهي ، ان آزمائش جي برڪت سان ماڻهو نيڪيءَ ۽ هدايت طرف ايندو آهي.

ڪاروبار ۾ نقصان ڇو ٿيو...؟

هڪ تمام پياري روايت آهي. توجھ سان ٻڌجو. حضرت عبد الله بن مسعود رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: ٻانهو ڪڏهن ڪڏهن واپار جو ارادو ڪندو آهي، ان وقت الله پاڪ ان تي نظرِ رحمت فرمائيندو آهي ۽ فرشتن کي حڪم ڏيندو آهي: هن ٻانهي کي واپار کان پري ڪر، جيڪڏهن هن لاءِ واپار آسان ڪيو ويو ته اهو سندس جهنم ۾ وڃڻ جو سبب بڻجي ويندو. پوءِ فرشتا ان جي ۽ واپار جي وچ ۾ حائل ٿي ويندا آهن. ([1])

الله اڪبر! ڪهڙي ڳالھ آهي...!! ٻانهو گهر کان نڪتو، دڪان تي پهتو، ڇو ته الله پاڪ ان تي فضل فرمائڻ وارو آهي،  رب العالمين جو ارادو ٿي ويو ته ان تي خاص ڪرم و احسان ڪيو ويندو، تنهنڪري فرشتن جي ڊيوٽي لڳائي ويندي آهي، ڪهڙي ڳالھ جي...؟ اها ته اڄ سڄي بازار جا گراهڪ ان جي دڪان تي گڏ ڪيا وڃن...؟ نه...!! نه...!! فرشتن جي ڊيوٽي لڳي ويندي آهي ته اڄ ان جي دڪان تي ڪو به گراهڪ نه اچڻ ڏيو. ڇو؟ ان ڪري ته جيڪڏهن ان وٽ مال اچي ويو ته هي غفلت جو شڪار ٿي ويندو، گناهن ۾ مبتلا ٿي جهنم جو حقدار بڻجي ويندو.

الله! الله! اسان وٽ جيڪڏهن ائين آزمائش اچي وڃي ته ماڻهو شڪايتون ڪندي چوندا آهن: ڪهڙو گناھ ٿي ويو جو مون تي ئي آزمائش اچي وئي. ائين چوڻ نه گهرجي بلڪ اهو سوچڻ گهرجي ته هي منهنجي گناهن جي ئي شامت آهي، جنهن جي ڪري هي آزمائش آئي آهي. ان سان گڏوگڏ آزمائش اچي ته شڪر ڪرڻ گهرجي ته الله پاڪ جنهن سان ڀلائي جو ارادو فرمائيندو آهي ته ان کي آزمائش ۾ مبتلا فرمائيندو آهي.


 

 



[1]...شرح اصول اعتقاد اہل السنۃ و الجماعۃ ، جز:4، جلد:2، صفحہ:411، رقم:1219۔