Book Name:Khatm e Daur e Risalat Pe Lakhon Salam
رسمن ۽ رواجن کان خوب واقفيت رکندو هجي، تڏهن ئي هو قيامت تائين اچڻ وارن لاءِ هدايت جو سامان ڪري سگهندو. تنهنڪري اللہ پاڪ جڏهن فرمايو:
وَ لٰكِنْ رَّسُوْلَ اللّٰهِ وَ خَاتَمَ النَّبِیّٖنَؕ (پارو: 22، سورة احزاب: 40)
ترجمو ڪنزُ العرفان: پر الله جو رسول آهي ۽ سڀني نبين جي آخر ۾ تشريف وٺي اچڻ وارو آهي ۽ الله سڀ ڪجھ ڄاڻڻ وارو آهي.
ته هن فرمانِ عالي شان ۾ اهو اعلان به شامل آهي ته اسان جا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام گهڻي وسيع علم رکڻ وارا آهن، پاڻ قيامت تائين اچڻ واري هر هر صدي ۾، هر هر انسان جي سڀني ضرورتن جو خوب علم رکڻ وارا آهن. پاڻ سڳورن جو علم قيامت تائين اچڻ وارن لاءِ محيط آهي.
پوري زمين کي ڏسي ورتو
صحابيءِ رسول حضرت عبداللہ بن عمر رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمائن ٿا: حاضر و ناظر نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اِنَّ اللهَ قَدْ رَفَعَ لِيَ الدُّنْيَا فَاَنَا اَنْظُرُ اِلَيْها واِلٰى مَا هُوَ كَائِنٌ فِيْهَا اِلٰى يَوْمِ الْقِيَامَةِ كَاَنَّمَا اَنْظُرُ اِلٰى كَفِّيْ هَذِهِ يعني بيشڪ اللہ پاڪ منهنجي لاءِ دنيا کي مٿي کنيو، پوءِ مان ان کي ۽ قيامت تائين جيڪو ڪجھ ان ۾ ٿيڻ وارو آهي، سڀ اهڙيءَ طرح ڏسي رهيو آهيان، جيئن پنهنجي هن تريءَ کي ڏسان ٿو.([1])
فرش تا عرش سب آئینہ ضمائر حاضر بس قسم کھائیے اُمِّی تِری دانائی کی([2])
وضاحت: فرش کان عرش تائين، ستن زمينن جي هيٺان کان وٺي ستن آسمانن جي مٿان تائين جيڪو ڪجهه به موجود آهي، اهو پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ اکين اڳيان هڪ صاف شفاف آئيني وانگر حاضر ۽ موجود آهي، ڄڻ ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن چاهين جتي چاهين نظر فرمائين. اي منهنجا پيارا پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اسان کي واقعي اوهان جي دانائي ۽ علم و فراست جو قَسم کڻڻ گهرجي.
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏو شان آهي منهنجي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو...!! پوري زمين جنهن