Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye
ڪتاب هجن * ڪڏهن قرآن ڪريم ۽ ان جو تفسير پڙهون * ڪڏهن احاديث ڪريمه ۽ انهن جي شرح پڙهي دل ۾ فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو نور لاهيون * علماءِ ڪرام ۽ اولياءِ ڪرام جا ارشادات دل ۾ لاهيون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! دل روشن ۽ چمڪدار ٿي ويندي ۽ الله پاڪ چاهيو ته ان نيڪ صحبت جي برڪت سان دنيا به سڌري ويندي، آخرت به سڌري ويندي.
نظر بھی ہو وسیع تر دماغ بھی ہو تیز تر یہ حسن و خوبی چاہیے تو کیجیے مطالعہ
جو فضل ربّبھی ساتھ ہو ضرر نہیں ثناؔ ذرا رضائے ربّی چاہیے تو کیجیے مطالعہ[1]
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
بي فائدھ شيون پڙهڻ ڪيئن آهي...؟
هڪ غير مسلم هو: نضر بن حارث. مڪي مڪرمه جو رهواسي هو. هڪ ڀيرو هي واپار لاءِ ملڪ شام (Syria) وغيره ويو ته اتان قصن ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب وٺي آيو. مڪي مڪرمه واپس اچي هو ماڻهن کي اهي قصا ۽ ڪهاڻيون (Stories) ٻڌائڻ لڳو ۽ هي بدبخت چوندو هو: محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به توهان کي (قومِ) عاد ۽ (قومِ) ثمود جا واقعا ٻڌائيندا آهن ته مان توهان کي رستم ۽ اسفنديار (ايران جي بادشاهن) وغيره جا قصا ٻڌايان ٿو.
يعني هن بدبخت انهن ڪوڙن، سچن قصن کي قرآن ڪريم جي برابر سمجهيو. ان جي مذمت (يعني بُرائي) ۾ سيپاري: 21، سورة لقمان جون آيتون نازل ٿيون. ([2])
ٿورو غور ڪيو ته! * ڪوڙن قصن ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب، ناول، ڊائجسٽ وغيره اسان وٽ به پڙهيا ويندا آهن، ماڻهو وڏي شوق سان اهڙا ڪتاب پڙهندا آهن، سورة لقمان جي شروعاتي آيتن ۾ نضر بن حارث جي انهن قصن جي ڪتابن ۽