Deeni Kitab Padha Kijiye

Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye

قرآن ڪريم ۾ فرق کي واضع ڪيو ويو آهي. نضر بن حارث جي مذمت ۾ الله پاڪ فرمايو:

وَ مِنَ النَّاسِ مَنْ یَّشْتَرِیْ لَهْوَ الْحَدِیْثِ لِیُضِلَّ عَنْ سَبِیْلِ اللّٰهِ بِغَیْرِ عِلْمٍ وَّ یَتَّخِذَهَا هُزُوًاؕ-  (پارو: 21، لقمان: 6)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ ڪجهه ماڻهو راند جون ڳالهيون خريد ڪن ٿا ته جيئن بغير سمجهڻ جي الله جي راهه کان ڀٽڪائن ۽ انهن کي مذاق مسخري بڻائن.

يعني نضر بن حارث جيڪي قصن ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب کڻي گهمي رهيو آهي، انهن ۾ ڪيتريون ئي خرابيون آهن. (1):  پهرين خرابي ته اها ته اهي لَهْوَ الحديث (يعني بي مقصد ڪهاڻيون ۽ راند روند جون ڳالهيون) آهن (2): ٻي خرابي اها ته انهن کي پڙهڻ ۽ ٻڌڻ وارا الله پاڪ جي رستي کان ۽ نيڪي جي رستي کان پري ٿي ويندا آهن.

هاڻي انهن جي مقابلي ۾ قرآن ڪريم جو ڪهڙو شان آهي؟ الله پاڪ فرمائي ٿو:

الٓمّٓۚ(۱) تِلْكَ اٰیٰتُ الْكِتٰبِ الْحَكِیْمِۙ(۲) هُدًى وَّ رَحْمَةً لِّلْمُحْسِنِیْنَۙ(۳) (پارو: 21، لقمان آيت نمبر: 1 کان 3)

ترجموڪنزالعرفان: المّٓ. هي حڪمت واري ڪتاب جون آيتون آهن. نيڪن جي لاءِ هدايت ۽ رحمت آهن.

هي قرآن ڪريم جون ٽي شاندار خصوصيتون آهن: (1):  قرآن ڪريم حڪمت جو ڪتاب آهي: * ناول * ڊائجسٽ * ڪوڙيون ڪهاڻيون * ۽ فضول قصا پڙهڻ سان ماڻهو نفسياتي مريض بڻجي ويندو آهي، پر قرآن ڪريم جو اهو شان آهي جو * ان کي پڙهڻ سان * ان جي تلاوت ڪرڻ سان حڪمت ۽ دانائي نصيب ٿيندي آهي. (2): قرآن ڪريم رحمت جو ڪتاب آهي: ناول، ڊائجسٽ وغيره بي فائدا ۽ گناهن سان ڀريل ڪتاب پڙهڻ سان نيڪيون نه ملنديون آهن، ماڻهوءَ