Deeni Kitab Padha Kijiye

Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye

ديني ڪتابن جو مطالعو يعني جڏهن ٻانهو ڪتاب پڙهندو آهي ته ان جي دل ۾ هدايت جون ڳالهيون لهنديون آهن.

وڌيڪ فرمائن ٿا: ديني مطالعو رحمت جي دروازن مان هڪ وڏو دروازو آهي، وڏن وڏن مشائخن، صوفين، عالمن ۽ زاهدن جو عمل رهيو آهي، ان جي برڪت سان رحمت جا دروازا کُلندا آهن. ([1]) 

فيشن پرست نوجوان جي توبهه

ڪلڪتي (هندستان) جو واقعو آهي، هڪ نوجوان جيڪو تمام گهڻي فيشن واري  (Fashionable) زندگي گذاري رهيو هو. سُنتن ڏانهن سندس ڌيان نه هو. هڪ ڀيرو ان جي ڪجهه اسلامي ڀائرن سان ملاقات ٿي، انهن کيس سيرتِ مصطفى  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي موضوع تي امير اهل سنت جو هڪ رسالو ”خوفناڪ اُٺُ“ تحفي طور ڏنو. گهر اچي هن رسالو رکي ڇڏيو. پر پوءِ سوچيائين ته ...!! مختصر رسالو آهي، سمهڻ کان پهريان پڙهي وٺان ٿو تنهنڪري هن رسالو پڙهڻ شروع ڪيو. مڪي شريف ۾ غير مسلمن سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي جيڪي ظلم ۽ ستم ڪيا هئا، رسالي ۾ انهن جو بيان هو، اهو نوجوان ٻڌائي ٿو ته: رسالو پڙهندي پڙهندي عشقِ رسول جي سبب منهنجي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. مان روئي روئي رسالو پڙهيو، ان کي پڙهڻ جي برڪت سان توبهه ڪرڻ ۽ نيڪيءَ جي رستي تي هلڻ جو ذهن بڻجي ويو. ٻئي ڏينهن مون والدين کان اجازت ورتي ۽ دعوتِ اسلامي وارن عاشقانِ رسول سان گڏ قافلي جو مسافر بڻجي ويس. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ!! نيڪ صحبت جي برڪت سان مون فيشن واري (Fashionable) زندگي ڇڏي ڏني، منهن تي ڏاڙهي شريف سجائي ورتي، مٿي تي عمامي شريف جو تاج سجائي ڇڏيو ۽ سٺي صحبت ۾ رهڻ وارو بڻجي ويس. ([2]) 


 

 



[1]...عوارف المعارف، الباب الثانی فی تخصیص الصوفیۃ بحسن الاستماع، صفحہ:22 ملتقطًا۔

[2]...غافل درزی، صفحہ:5۔