Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye
تي رحمت نازل نه ٿيندي آهي، پر قرآن ڪريم اهو عظيم ڪتاب آهي، جنهن جي هڪ هڪ حرف تي 10، 10 نيڪيون ملنديون آهن، جڏهن ٻانهو قرآن پاڪ پڙهندو آهي ته الله پاڪ جون بي حساب رحمتون وسنديون رهنديون آهن. (3): قرآن ڪريم هدايت جو ڪتاب آهي: اها تجربي (Experience) جي ڳالهه آهي ته جيڪو شخص * ناول * ڊائجسٽ * ۽ ڪوڙيون ڪهاڻيون پڙهڻ جو عادي هوندو آهي، اهو نفسياتي مريض بڻجي ويندو آهي * اهو خيالي دنيا ۾ رهڻ لڳندو آهي * معاشري (Society) ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا نه ڪري سگهندو آهي * هن جي طبيعت چڙچڙي ٿي ويندي آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ اهڙو شخص جيڪو قرآن ڪريم جي تلاوت جو عادي هوندو آهي، چاهي بغير سمجھڻ جي ئي قرآن ڪريم جي تلاوت ڪندو هجي * ان جي دل نرم ٿي ويندي آهي * دل ۾ نيڪي جا جذبا پيدا ٿي ويندا آهن * ان جي اخلاق ۽ ڪردار (Character) ۾ مثبت تبديلي (Positive Change) اچي ويندي آهي * ان کي ظاهري ۽ باطني پاڪيزگي نصيب ٿي ويندي آهي * ۽ هو معاشري جو هڪ بهترين فرد بڻجي اڀرندو آهي ۽ جيڪڏهن قرآن ڪريم کي سمجھي پڙهجي، پوءِ ته واہه واهه ...!! سُبْحٰنَ اللہ! ...!! اهڙي خوشنصيب شخص جو ته شان ئي نرالو آهي.
لٽريچر جو انتخاب ڪيئن ڪريون....؟
پيارا اسلامي ڀائرو! هن مان معلوم ٿيو ته لٽريچر(چاهي اهو ڪتاب جي صورت ۾ هجي، پوسٽن جي صورت ۾ هجي، وڊيوز جي صورت ۾ هجي) اهو به پنهنجي اندر اثر رکندو آهي، اسان جيڪو ڪجهه پڙهندا آهيون، ٻڌندا آهيون، ڏسندا آهيون، اهو اسان جي اکين ۽ ڪنن جي ذريعي دل ۾ لهي ويندو آهي ۽ جيڪو ڪجهه اسان دل ۾ لاهيندا آهيون، اسان جا نظريا، احساسات، جذبات، عمل ۽ ڪردار ان جي مطابق ئي ٿيندا ويندا آهن. تنهنڪري اسان کي گھرجي ته جڏهن به ڪجهه