Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye
طور اسان وٽ هڪ غلط مسئلو مشهور آهي ته نماز ۾ ساڄي پير جو آڱوٺو بلڪل هِلي(چُري) جيڪڏهن ٿورو به چريو ته نماز ٽٽي ويندي. اهو مسئلو غلط مشهور آهي. حقيقت ۾ ائين نه آهي. آڱوٺو چُرڻ سان نماز نه ٽٽندي آهي.
هن طرح جون اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، ڪيتريون ئي غلط رسمون آهن جيڪي ماڻهن ۾ رائج آهن. ٻڌايو وڃي، سمجهايو وڃي ته مڃيندا ئي نه آهن، اُلٽو چوندا آهن ته: مولوين دين بدلائي ڇڏيو آهي.
الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. اسان کي ديني ڪتاب پڙهڻ جي عادت بڻائڻ گهرجي، ڪتاب پڙهنداسين ته خبر پوندي ته اصل ۾ دين ڇا آهي؟ قرآن پاڪ ۾ الله پاڪ ڇا فرمايو آهي؟ حديثن ۾ ڇا آيو آهي؟ عاشقانِ رسول علماءِ ڪرام، غوثِ پاڪ، داتا حضور، خواجه غريب نواز، اعلى حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہم وغيره اولياءِ ڪرام جون تعليمات ڪهڙيون آهن؟ تنهنڪري اسان کي ديني مطالعي جي عادت بڻائڻ گهرجي.
مطالعو ڪرڻ اولياء جو طريقو آهي
الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
اِنَّ اللّٰهَ یُسْمِعُ مَنْ یَّشَآءُۚ- (پارو:22، فاطر:22)
ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ الله ٻڌائي ٿو جنهن کي چاهي ٿو.
يعني الله پاڪ جنهن کي گھرندو آهي، هدايت جون ڳالهيون ٻڌرائيندو آهي.([1]) شيخ شهاب الدين سهروردي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن آيت جي وضاحت ڪندي فرمائن ٿا: اسان جي دلين ۾ هدايت جون ڳالهيون اچڻ الله پاڪ جي طرفان آهي، ان جا ظاهري طور ٻه ذريعا آهن: (1): مخلوق جي زبان يعني عاشقانِ رسول علماءِ ڪرام جي طرفان ٻڌي دل ۾ هدايت جون ڳالهيون اينديون آهن (2): ان جو ٻيو طريقو آهي: