Deeni Kitab Padha Kijiye

Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye

وَلِين جو باادب بڻائڻ * سچا اسلامي عقيدا سيکارڻ * درست ديني معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ علمي ۽ تحقيقي ڳالهيون اپلوڊ ڪيون وينديون آهن. دعوتِ اسلامي جي 100 کان وڌيڪ سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي تقريباً 50 ملين (Million) يعني 5  ڪروڙ فالوورز (Followers) آهن، جڏهن ته ويوورز (Viewers) جو تعداد بلينز (Billions) يعني ڪروڙن ۾ آهي. * ان کان علاوه دعوتِ اسلامي جو هڪ شعبو آءِ ٽي (I.T) ڊيپارٽمنٽ آهي، جنهن جي طرفان * هن وقت تائين 40 ويب سائيٽس * 32 موبائل ايپلي ڪيشنز جاري ڪيون ويون آهن، هڪ ايپلي ڪيشن دعوتِ اسلامي ڊجيٽل سروسز (Dawateislami Digital Services) به آهي، جنهن جي ذريعي توهان دعوتِ اسلامي جي سمورن سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۽ ويب سائيٽس کي استعمال ڪري سگهو ٿا.

بهرحال! سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال ۽ ان جي ذريعي معياري طريقي سان ديني علم سکڻ پنهنجي جاءِ تي آهي، پر ڪتاب پڙهي ديني علم سکڻ جون پنهنجون ئي برڪتون آهن.

گمراهيءَ جو هڪ اهم ۽ بنيادي سبب

هيءَ جيڪا اسان جي سماج ۾ ڪتابن کان دوري ٿيندي پئي وڃي، اهو هڪ وڏو عيب آهي، قرآن ڪريم ۾ به هن عيب جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. بني اسرائيل جيڪي پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي ظاهري زندگي مبارڪ ۾ موجود هئا، انهن کي هزارين ڀيرا سمجهايو ويو، دليل ڏنا ويا، معجزا ڏيکاريا ويا، تنهن هوندي به هنن ڪلمو نه پڙهيو،  ڪفر تي مضبوطي سان قائم رهيا، ان جا ڪيترائي سبب هئا، هڪ سبب قرآن ڪريم ۾ هي ارشاد ٿيو، الله پاڪ فرمائي ٿو: