Deeni Kitab Padha Kijiye

Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye

سعادت نصيب ٿي، اجتماعي اعتڪاف جو پرڪيف ماحول، پرسوز بيانات، سحري ۽ افطاري جا روحاني منظر تمام سٺا لڳا، ڪرم مٿان ڪرم اهو ٿيو جو امير اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي علمي ۽ روحاني مدني مذاڪرن ۽ رقت انگيز دعائن دل مان گناهن جو گند صاف ڪري ڇڏيو. منهنجي گناهن سان ڀريل اونداهي زندگيءَ ۾ عشقِ مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي روشني ڦهلجي وئي. مون پنهنجن گناهن کان سچي توبهه ڪئي ۽ امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه کان بيعت جو شرف حاصل ڪيو،اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! ڏاڙهي شريف سان منهن سينگاريو، مٿي تي عمامي جو تاج سجايو ۽ سنتن سان ڀرپور زندگي گذارڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جو ديني ماحول اختيار ڪري ڇڏيو. ([1])

مقبول جہاں بھر میں ہو دعوتِ اسلامی صدقہ  تجھے  اے  ربِّ  غَفَّار!  مدینے کا      ([2])

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!               صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

صِرَاطُ الجِنان  ايپلي ڪيشن جو  تعارف

اي عاشقانِ رسول! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ!! دعوتِ اسلامي اسان کي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي به علمِ دين سکڻ ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ جي طرفان هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو آهي: Sirat ul Jinan Quran & Tafsir (صراط الجنان قرآن ۽ تفسير) هن ايپلي ڪيشن ۾ * مڪمل قرآن ڪريم        * اعلى حضرت، امام اهلسنت، شاهه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو لکيل ترجمو قرآن ڪنزالايمان *  آسان ترجمو، ترجمو ڪنزالعرفان ۽ * آسان انداز ۾ لکيل تفسير صراط الجنان شامل آهي * قرآن ڪريم، ترجمو ۽ تفسير آڊيو ۾ به ٻڌي سگهو ٿا * روزانو تلاوت ڪيون ويندڙ سورتن کي الڳ جمع ڪيو


 

 



[1]...بدچلن کیسے تائب ہوا؟، صفحہ:12تا 14 بتغیر۔

[2]...وسائلِ بخشش،صفحہ:180۔