Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye
تي وڃڻ وارن لاءِ هڪ بهترين تحفو آهي، اڄ ئي هن ڪتاب کي مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 330 روپين ۾ قيمت ڏئي طلب ڪيو، پاڻ به مطالعو ڪيو! ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو!
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪرڻ کان پهريان سنت جي فضيلت ۽ زندگي جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِيْ فَقَدْ اَحَبَّنِيْ وَمَنْ اَحَبَّنِيْ كَانَ مَعِيَّ فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: جڏهن ٻانهو پنهنجي کاڌي ۾ گهٽتائي ڪندو آهي ته ان جو سينو نور سان ڀريو ويندو آهي. ([2])
اي عاشقانِ رسول! گهٽ کائڻ سنت آهي * اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بک کان گهٽ کائيندا هئا * پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيستائين دنيا ۾ تشريف فرما رهيا، ڪڏهن به لڳاتار ٻه راتيون پيٽ ڀري نه کاڌائون * پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بک جي سبب پيٽ تي پٿر ٻڌندا هئا.
کاڌي جي مقدار بابت احڪام: * اڃان بک هجي ته کاڌو کائڻ ترڪ ڪرڻ سنت آهي. * جيتري بک هجي، اوترو کاڌو کائڻ مباح آهي (يعني ان ۾ نه گناهه آهي، نه ثواب) * پيٽ ڀري ايترو کائڻ جو پيٽ خراب ٿيڻ جو گمان هجي، حرام