Deeni Kitab Padha Kijiye

Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye

وجهجي ته انهن جي ذهانت ۾ واڌارو ٿيندو آهي. هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته جن ٻارن کي7 سالن جي عمر ۾ پڙهڻ جي عادت هوندي آهي، اڳتي هلي انهن جو آءِ ڪيو ليول (IQ Level) وڌي ويندي آهي، جيڪو ذهانت ماپڻ جو هڪ پيمانو به آهي * هڪ ڀيرو امام محمد بن اسماعيل بخاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کان پڇيو ويو ته يادداشت جي دوا ڪهڙي آهي؟ ته پاڻ ارشاد فرمايائون: ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهڻ، يادداشت جي مضبوطي لاءِ بهترين دوا  آهي.([1]) * مطالعو ڪرڻ سان ذهني ۽ اخلاقي تربيت جو به سامان ٿيندو آهي، ڇو ته يڪسوئي ۽ توجهه سان پڙهي ويندڙ هر سٺي ڳالهه دل، دماغ، جسم ۽ جان ۾ گهر ڪري ويندي آهي جنهن جو اظهار عملي طور تي اخلاق ۽ ڪردار جي بهتري جي صورت ۾ ٿيڻ لڳندو آهي * ديني مطالعو سٺي مصروفيت جو هڪ بهترين ذريعو آهي، ڪيترن ئي بزرگانِ دين جي سيرت مان اها ڳالهه معلوم ٿئي ٿي ته اهي هر وقت مطالعي ۾ مشغول رهندا هئا، مثلاً هڪ بزرگ جي باري ۾ ته ايسيتائين روايت آهي ته 40 سالن تائين جاڳڻ ۽ سمهڻ جي حالت ۾ لڳاتار ڪڏهن به انهن جي سيني کان ڪتاب جدا نه ٿيو.([2]) مطلب ته اها ڳالهه طئي آهي ته مطالعي جي عادت ٻين ڪيترين ئي ناڪاره ۽ بي فائده مصروفيتن کان بچاءَ جو به سبب بڻجندي آهي، اهڙي طرح ٻانهو جيتري دير مفيد ڪتابن جي مطالعي ۾ مشغول رهندو آهي گناهن کان به محفوظ رهندو آهي ۽ ان تي الله پاڪ جي رحمت به وسندي رهندي آهي * ڪنهن ڏاهي جو قول آهي: جنهن جي هٿ ۾ هر وقت ڪتاب نه هوندو، ان جي دل ۾ حڪمت ۽ دانائي راسخ نه ٿي سگهندي. ([3])

گهر ۾ لائبريري ٺاهيو!

پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجي ۽ پنهنجي گهر وارن جي اصلاح اسان سڀني جي ذميواري آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:


 

 



[1]... جامع بیان العلم و فضلہ، باب فی فضل النظر...الخ، جلد:2، صفحہ: 357، رقم:2414۔

[2]... جامع بیان العلم و فضلہ، باب فی فضل النظر...الخ، جلد:2، صفحہ: 358، رقم:2426۔

[3]... تعلیم المتعلم طریق التعلم، صفحہ: 116۔