Deeni Kitab Padha Kijiye

Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye

پڙهڻو هجي، ٻڌڻو هجي يا وڊيوز وغيره جي صورت ۾ ڏسڻو هجي ته ان جو انتخاب نهايت سوچي سمجھي ڪيون. اهو انتخاب ڪرڻو ڪيئن آهي؟ 

هن مقام تي نضر بن حارث جي قصن ڪهاڻِين ۽ قرآن ڪريم جي وچ  ۾ تقابل ڪري اسان کي اهو سبق ڏنو ويو آهي ته جڏهن به ڪجهه پڙهڻو هجي ته ان ۾ ٽي شيون لازمي ڏسندا ڪيون! (1): ان کي پڙهڻ سان هدايت ملي ته پڙهو، فضوليات تي ٻڌل هجي ته ترڪ ڪري ڇڏيو! (2): جيڪو پڙهي رهيا آهيو، ان کي پڙهڻ سان حڪمت ۽ نصيحت ملي ته پڙهو! جيڪڏهن ان کي پڙهڻ سان گمراهي ايندي هجي، ٻانهو نيڪي کان دور ٿيندو هجي ته ان کي پڙهڻ ڇڏي ڏيون! (3): جيڪڏهن ان کي پڙهڻ سان ثواب ملڻ جي اميد هجي ته پڙهون، جيڪڏهن ثواب جي اميد نه هجي ته نه پڙهون ...!! 

اهو سمجھي ڇڏيو ته هي هڪ قطعي اصول آهي. اسان ان کي سامهون رکي پنهنجا ڪيترائي معاملا درست ڪري سگهون ٿا * موبائل تي ڇا ڏسڻو آهي، ڇا نه ڏسڻو آهي؟ * ڇا ٻڌڻو آهي، ڇا نه ٻڌڻو آهي؟ * ڇا پڙهڻو آهي، ڇا نه پڙهڻو آهي؟ * ڪهڙيون پوسٽون ڏسڻيون آهن، ڪهڙيون رد ڪرڻيون آهن؟ * ڪهڙي قسم جي شين کي لائيڪ يا فالو ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙي قسم جي شين کي نظر انداز ڪرڻو آهي، وغيره وغيره. ڪيترائي معاملا آهن، جن کي اسان هن اصول تي پرکي سگهون ٿا. الله پاڪ اسان کي هميشه صحيح شين جي چونڊ ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  

موجودھ دور جو  هڪ وڏو  مسئلو

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄوڪي دور جا وڏا وڏا مسئلا، جن جي ڪري اسان جو سماج غلط رستي ڏانهن هلندو پيو وڃي، انهن مان هڪ وڏو مسئلو ڪتاب نه پڙهڻ به آهي. افسوس! اڄڪلهه ”ڪتابي علم“ ڏانهن ماڻهن جو ڌيان گهٽ آهي.