Deeni Kitab Padha Kijiye

Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye

عام طور تي سوشل ميڊيا، انٽرنيٽ وغيره جي ذريعي ٻڌل ٻڌايل معلومات تي ماڻهو هلي رهيا هوندا آهن، ماڻهن جو اهو ذهن بڻجندو پيو وڃي ته ڪا به علمي ڳالهه سکڻي هجي، حديث پاڪ پڙهڻي هجي، نماز، روزي وغيره جو ڪو مسئلو ڄاڻڻو هجي، بس هڪ ئي ذريعو آهي، فوراً انٽرنيٽ يا سوشل ميڊيا کولينداسين، سرچ ڪنداسين ۽ غلط، صحيح جي سڃاڻپ ڪرڻ کان سواءِ بس پڙهندا وينداسين * علماءِ ڪرام جي به ڪا ضرورت ناهي * مدرسن جي به ڪا ضرورت ناهي * بس سوشل ميڊيا جي ذريعي اسان پاڻ ئي محقق (Researcher) بڻجي وينداسين. الله پاڪ جي پناهه!

 ها! سوشل ميڊيا جي ذريعي مختلف شارٽ ڪورسز ڪري، عاشقانِ رسول علماءِ ڪرام جا بيانات وغيره ٻڌي به ديني علم سکي سگهجي ٿو، پر سوشل ميڊيا تي سڌرڻ بجاءِ ڀٽڪڻ جا امڪان وڌيڪ آهن، هر ڪو پنهنجو دڪان کولي ويٺو آهي، سٺي ۽ خراب جي سڃاڻپ ڪٿان ٿيندي؟ ڪيئن ٿيندي؟ لهٰذا اسان کي ديني ڪتاب پڙهڻ جي عادت بڻائڻ گهرجي.

دعوتِ اسلامي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو مثبت استعمال

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ!! اُمت کي سوشل ميڊيا جي نقصانن کان بچائڻ ۽ هن ٽيڪنالاجي کي نيڪين جو ذريعو بڻائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. * دعوتِ اسلامي جي 80 کان وڌيڪ شعبن مان هڪ سوشل ميڊيا ڊيپارٽمنٽ به آهي، جنهن جي تحت مختلف پليٽ فارمز (Different platforms) جهڙوڪ * يوٽيوب * فيس بڪ * انسٽاگرام وغيره جي ذريعي عاشقانِ رسول کي * الله پاڪ ۽ ان جي حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي احڪامن جو پابند بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ * صحابهءِ ڪرام ۽ اهل بيت اطهار رَضِیَ اللهُ عَنْہم جي محبت جا جام پيئارڻ * الله پاڪ جي