Deeni Kitab Padha Kijiye

Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye

جلدن تي مشتمل ”العقود الدرية“ جهڙي وڏي ڪتاب جو مڪمل مطالعو صرف هڪ رات ۾ فرمايائون. ([1])   

امير اهلسنت جو مطالعي جو شوق

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ!! اڄ جي دور ۾ يادگارِ اسلاف ۽ علم دوست شخصيت يعني شيخِ طريقت، امير اهلسنت مولانا الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جي به ديني ڪتابن سان خوب دوستي آهي. پاڻ پنهنجي گهر ۾ ڪتاب گهر (يعني ڪتب خانو) به جوڙايو. جنهن جي ڪتابن ۾ آهستي آهستي واڌارو ٿيندو ويو ۽ اڄ علمِ قرآن و حديث، عقائد، فقه  ۽ تصوف جي ڪيترن ئي موضوعن تي سوين ڪتاب ۽ رسالا سندن ڪتاب گهر جي زينت بڻيل آهن، جن ۾ ترجمو قرآن ڪنزالايمان مع تفسير خزائن العرفان، فتاوى رضويه شريف، بهارِ شريعت ۽ احياءُ العلوم سرفهرست آهن. [2]

امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جن جي مطالعي جي شوق جو اهو عالم آهي جو پاڻ ايترو ته گهرائي سان مطالعو فرمائيندا آهن جو ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيو جو ڪتاب گهر جي اسلامي ڀائرن مان ڪو اسلامي ڀاءُ ڪنهن مسئلي جي حل لاءِ سندن خدمت ۾ حاضر ٿيو پر مطالعي ۾ مشغول هجڻ جي سبب کين ان جي اچڻ جي خبر ئي نه پئي ۽ ٿوري دير کان پوءِ اتفاق سان پاڻ نظر کنئي ته ان اسلامي ڀاءُ پنهنجو مسئلو عرض ڪيو. 

ديني مطالعو ۽ نيڪ اعمال

امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه نه رڳو پاڻ مطالعي جو شوق رکندا آهن پر پنهنجن مريدن، متوسلين ۽ محبين کي به ديني ڪتابن، بالخصوص فتاوى رضويه، بهارِ


 

 



[1]... حیاتِ اعلیٰ حضرت ، 1/ 257۔

[2] تذکرہ امیر اہلسنت قسط:4(شوقِ علم دین)، صفحہ:26۔