Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye
نه هئي ته راند روند ڇا آهي؟ سياحت ڇا هوندي آهي؟ ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيو جو مطالعو ڪندي ڪندي اڌ رات ٿي وئي ته والد محترم سمجهائيندا هئا: پٽ! ڇا پيو ڪرين؟ اهو ٻڌي مان فوراً ليٽي پوندو هئس، پوءِ جڏهن ڪجهه وقت گذري ويندو هو ته وري اٿي ويهندو هئس ۽ ٻيهر مطالعي ۾ مشغول ٿي ويندو هيس. ڪيترائي ڀيرا ائين به ٿيو جو مطالعي دوران مٿي جا وار ۽ عمامو وغيره ڏيئي سان لڳڻ سبب سڙي پوندا هئا پر مطالعي ۾ مشغول هئڻ سبب مون کي خبر ئي نه پوندي هئي. ([1])
حضرت ابو العلا حسن بن احمد همداني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي وصال کان پوءِ کين خواب ۾ هڪ اهڙي شهر ۾ ڏٺو ويو جنهن جون تمام ديوارون ڪتابن جون هيون، يعني اهي ڪتاب ايترا ته گهڻا هئا جو انهن کي ڳڻڻ ممڪن نه هو، پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه انهن جي مطالعي ۾ مشغول هئا. اوهان کان جڏهن اهو پڇيو ويو ته هي ڪتاب ڪهڙا آهن؟ ته فرمايائون: مون الله پاڪ کان سوال ڪيو ته مان جيئن دنيا ۾ مشغول رهندو هئس، مون کي هتي به اهڙي ئي مشغوليت عطا فرماءِ ته الله پاڪ هي سڀ ڪتاب مون کي مطالعي لاءِ عطا فرمايا آهن. ([2])
اعلى حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي مطالعي جي شوق ۽ ذهانت جو ننڍپڻ ۾ ئي اهو عالم هو جو استاد کان ڪڏهن به چوٿون حصو ڪتاب کان وڌيڪ نه پڙهيائون، بلڪه چوٿون حصو ڪتاب استاد کان پڙهڻ کان پوءِ بقايا سڄي ڪتاب جو پاڻ مطالعو ڪندا هئا ۽ ياد ڪري ٻڌائي ڇڏيندا هئا. اهڙيءَ طرح ٻن