Deeni Kitab Padha Kijiye

Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye

ڪرام جا لکيل ڪتاب به اهڙا آهن جو جيڪڏهن  ڪو غير مسلم انهن کي انصاف سان پڙهي ته ان تي به حق جا دروازا کُلي ويندا آهن. يوپي (هندستان) جو واقعو آهي، هڪ شخص جيڪو غير مسلم هو ۽ مسلمانن کان تمام گهڻي نفرت ڪندو هو. ان جي قسمت جو ستارو چمڪيو ۽ کيس ڪٿان اميرِاهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جو رسالو ”احترامِ مسلم“ هٿ اچي ويو. هن جڏهن اهو رسالو پڙهيو ته حيران ٿي ويو ته مان جن مسلمانن کان نفرت ڪندو آهيان، انهن جو مذهب اسلام ڪيڏو نه پيارو آهي، بس هي رسالو پڙهي ان جي دل ۾ اسلام جي محبت گهر ڪري وئي وئي، ڪجهه ڏينهن بعد ان جي ڪجهه اسلامي ڀائرن سان ملاقات ٿي ۽ اهو ​​غير مسلم انهن اسلامي ڀائرن جي هٿ تي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو. ([1])

لاکھوں کو سُنَّتوں کا پیکر بنا دیا ہے         ہے زِندہ و مُسَلَّم عطّار کی کرامت

بِگڑوں کو راہِ حق کا مُتَلاشی کر دیا ہے    دِل صاف ستھراکر دے عطّار کی  بَصِیْرَتْ ([2])

ڇا مولوين دين بدلائي ڇڏيو آهي...؟

پيارا اسلامي ڀائرو! ديني مطالعو نه هجڻ جا نقصان اسان جي سماج ۾ به ملن ٿا. ڪيتريون ئي اهڙيون بريون رسمون آهن، جيڪي اسان جي معاشري ۾ رائج آهن، ماڻهن کي سمجهائجي، ٻڌائجي ته هيءَ رسم صحيح نه آهي، قرآن ۽ سنت جي خلاف آهي ته مڃيندا ئي نه آهن، انهن کي نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪجي ته چوندا آهن: مولانا صاحب...!! توهان نئون دين شروع ڪري ڏنو آهي.

هاڻي انهن کي ڪير سمجهائي ته ڀائو! دين بدلايو نه آهي، اسان ته اوهان کي اها ڳالهه ٻڌائي رهيا آهيون * جيڪا قرآن ڪريم ۾ آهي * حديثن ۾ لکيل آهي * صدين کان علماءِ ڪرام ڪتابن ۾ لکندا رهيا آهن، اصل ڳالهه هي آهي ته توهان ڪتاب پڙهيو ئي نه آهي، بس ٻڌل ٻڌايل ڳالهين تي هلندا رهيا آهيو. مثال


 

 



[1]...تعارِفِ امیرِ اہلسنت،صفحہ:24۔

[2]...مناقبِ عطار،صفحہ:41۔