Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye
۽ طلاق ڪنايه جو بيان. اعلى حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ڪتابن * تمهيد الايمان * حسام الحرمين ان سان گڏ مڪتبة المدينه جا شايع ٿيل ڪتاب * ڪفريه ڪلمات جي باري ۾ سوال جواب * چندي جي باري ۾ سوال جواب * بنيادي عقيدا ۽ معمولاتِ اهلسنت * عقيدهءِ آخرت * ڏهه عقيدا * اسلام جا بنيادي عقيدا * الحق المبين * اسلام جون بنيادي ڳالهيون (ٽئي حصا) * ڪتاب العقائد * گلدستهءِ عقائد و اعمال * گانن جا 35 ڪفريه اشعار * 28 ڪلماتِ ڪفر * اعلى حضرت کان سوال جواب * علم القرآن * نماز جا احڪام * ۽ فيضانِ سنت جا سمورا باب پڙهيا يا ٻڌا؟ (ڪاش! هر سال شعبان شريف جي مهيني ۾ فيضانِ سنت جو باب فيضانِ رمضان پڙهي يا ٻڌي وٺون).
الله پاڪ اسان کي ديني ڪتاب پڙهڻ ۽ علمِ دين سکڻ جو جذبو نصيب فرمائي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! ديني ڪتاب پڙهڻ جا دنياوي لحاظ کان به تمام گهڻا فائدا آهن.
ديني مطالعي ڪرڻ جا دنياوي فائدا
* هڪ تحقيق جي مطابق مطالعي جي عادت ذهني دٻاءُ ۽ پريشاني کي گهٽائيندي آهي * پڙهڻ جي عادت الزائمر (Alzheimer) جهڙي بيماري کي روڪيندي آهي * بلڪه هڪ رپورٽ جي مطابق پڙهڻ جي عادت دماغ ۽ ان جي خلين (Cells) کي طاقت ڏئي ڊيمنشيا (Dementia) جي عمل کي سست ڪندي آهي * سمهڻ وقت سٺي ڪتاب جو مطالعو ننڊ لاءِ مفيد ثابت ٿي سگهي ٿو. ان ڪري فون رکي ڪتاب کڻو ۽ مطالعو شروع ڪيو. ماهر ان ڳالهه تي متفق آهن ته پڙهڻ سان ذهني سڪون ملندو آهي ۽ ننڊ جلدي ايندي آهي. * ڪتاب پڙهڻ وارا ماڻهو ٻين ماڻهن سان تمام سٺي نموني سان ملندا آهن ۽ سوچ کي بهتر انداز ۾ سمجهي سگهندا آهن * مطالعو ڪرڻ سان لفظن جي ذخيري (Vocabulary) ۾ اضافو ٿيندو آهي، جنهن جو سڌو سنئون تعلق ذهانت سان آهي. اهڙي طرح ٻارن ۾ مطالعو ڪرڻ جي عادت