Deeni Kitab Padha Kijiye

Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye

بيان ٻڌڻ جون نِيّتون

حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس*جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!      صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

نبين جي محفل ۾ حاضريءَ جو طريقو

هڪ بزرگ ٿي گذريا آهن: حضرت عبد الله بن مبارڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جيڪي تمام وڏا محدث به هئا، وڏا عالم به هئا، نيڪ ۽ عبادت گذار به هئا ۽ وليءِ ڪامل به هئا. سندن معمول هو ته اڪثر وقت اڪيلائي ۾ گذاريندا هئا. هڪ ڀيرو ڪنهن پڇيو: عالي جاھ! ڇا توهان کي اڪيلائي ۾ وحشت نه ٿي ٿئي...؟ انهن تمام خوبصورت جواب ڏنو، فرمايائون: مون کي وحشت ڇو ٿيندي ...؟ مان ته انبياءِ ڪرام، اولياءِ ڪرام، پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ سندن صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم جي مجلس ۾ هوندو آهيان. ([2]) يعني منهنجي عادت آهي ته اڪيلائي ۾ ويهي قرآن ڪريم، احاديث مبارڪه ۽ ديني ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهندو آهيان، ائين مان پنهنجو اڪثر وقت پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون پياريون ڳالهيون دل ۾ سانڍڻ ۽ علماءِ ڪرام جي ارشادات پڙهڻ ۾ گذاريندو آهيان.

جو نورِ عملی چاہیے تو کیجیے مطالعہ      ہاں معرفت بھی چاہیے تو کیجیے مطالعہ


 

 



[1]...بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔

[2]... عُشَّاق الکتب ، صفحہ:160-161۔