Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye
نصيب ٿيندو. الله پاڪ اسان کي ديني ڪتاب پڙهڻ ۽ ديني مطالعو ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني مذاڪرو
پيارا اسلامي ڀائرو! صحابه ۽ اهلِ بيت ۽ نيڪ ماڻهن جي محبت دل ۾ وڌائڻ ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، 12 ديني ڪمن ۾ خوب زور شور سان حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! دل روشن ٿيندي، عشقِ رسول نصيب ٿيندو، محبتِ الٰهي نصيب ٿيندي ۽ دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون هٿ اينديون. دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: مدني مذاڪرو
امير اهلسنت مولانا الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه هر ڇنڇر تي رات جو عشاء جي نماز کان پوءِ مدني چينل تي براهِه راست (Live) سوالن جوابن جو سلسلو فرمائيندا آهن، اوهان به مدني چينل تي پابندي سان مدني مذاڪرو ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيو.
منڊي بهاءُالدين (صوبو پنجاب، پاڪستان) جي رهواسي هڪ اسلامي ڀاءُ جي تحرير جو خلاصو آهي ته دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچڻ کان اڳ مان گناهن جي هلاڪت خيز وادين ۾ ڀٽڪي رهيو هيس. هر وقت دل ۽ دماغ تي فيشن جو ڀوت سوار رهندو هو ۽ نيڪين کان پري دنيا جي رنگينين ۾ گم ٿي پنهنجي زندگي برباد ڪري رهيو هيس. هڪ ڀيرو دعوتِ اسلامي جي هڪ مبلغ دعوتِ اسلامي جي تحت ٿيڻ واري آخري ڏهاڪي جي اجتماعي اعتڪاف جي ڀرپور ترغيب ڏياري، تنهنڪري الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان مون کي اعتڪاف جي