Deeni Kitab Padha Kijiye

Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye

ڳالهه آهي ته اسان کي اها خبر ئي نه آهي، قرآن ڪريم ڏسي پڙهڻ اچي ته اها به غنيمت آهي، ان کي سمجهڻ، ان ۾ ڇا فرمايو ويو آهي، ان کي ڄاڻڻ اهو ته قسمت وارن کي ئي نصيب ٿيندو آهي. تنهنڪري صراط الجنان پڙهو! تفسير تعليم القرآن پڙهو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!  قرآن جو نور نصيب ٿيندو.

* اي ايمان وارؤ!: هي به قرآن ڪريم جي تفسير آهي. قرآن ڪريم جون خاص اهي آيتون جن ۾ یٰٓاَیُّہَا  الَّذِیۡنَ  اٰمَنُوۡا (اي ايمان وارؤ!) چئي اسان جي رب ڪريم اسان سان خطاب فرمايو آهي، ان ۾ انهن آيتن جي وضاحت ڪئي وئي آهي.

*معرفة القرآن عام فهم ۽ آسان انداز ۾ قرآنِ ڪريم جا مطلب ۽ معنائون سمجهڻ لاءِ لفظ بہ لفظ ترجمي، مڪمل بامحاورا ترجمي، آيتن جي عنوانن ۽ مختصر حاشين تي مشتمل هڪ منفرد ڪتاب آهي.

* فيضانِ رياض الصالحين: امام نووي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه 7 ستين صدي هجري جا بزرگ آهن، پاڻ علمِ حديث جا تمام وڏا امام هئا، رياض الصالحين سندن لکيل ڪتاب آهي، جنهن ۾ هنن روزمره جي زندگي ۾ رهنمائي ڪندڙ پياريون پياريون حديثون گڏ ڪيون آهن، دعوتِ اسلامي جي اداري المَدِينَةُ العِلمِيَة  (Islamic Research Center) انهن حديثن جو ترجمو ۽ تشريح ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي آهي، هي به تمام پيارو ڪتاب آهي، ان کي به پڙهو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! احاديثِ ڪريمه جا انوار نصيب ٿيندا.

* سيرتِ مصطفى: علامه عبدالمصطفى اعظميٰ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو تمام پيارو ڪتاب آهي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت کان وٺي وصالِ ظاهري تائين مڪمل سيرت پاڪ آسان انداز ۾ لکي وئي آهي. اهو به اسان سڀني کي پڙهڻ گهرجي. قرآن ڪريم ۾ الله پاڪ فرمايو آهي: