Deeni Kitab Padha Kijiye

Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye

کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن، قرآن ۽ حديث جو مطالعو ڪن، عاشقانِ رسول علماءِ ڪرام جي ڪتابن جو مطالعو ڪن ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! انهن تي هدايت جا دروازا کُلي ويندا ...!! ۽ ائين ٿيندو به آهي.

هڪ P.H.D اسڪالر هو. هن علم رياضي ۾ P.H.D ڪئي هئي.  هو غير مسلم هو. غير مسلمن جو عام طور تي ننڍپڻ کان ئي منفي ذهن بڻايو ويندو آهي، انهن کي سمجهايو ويندو آهي ته قرآن ڪريم سٺو ڪتاب نه آهي، تنهنڪري اهي سموري زندگي نه قرآن پڙهندا آهن، نه ئي سمجهندا آهن، نه انهن تي حق واضح ٿيندو آهي. خير! هي P.H.D  اسڪالر جيڪو هو، هن هڪ ڏينهن سوچيو ته مون کي قرآن پڙهي ان مان ڪجهه سکڻو ته نه آهي، ڀلا! ان مان غلطيون ئي ڪڍان ٿو. (اَسْتَغْفِرُ اللہ!)

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! قرآن ڪريم ۾ نه ئي ڪا غلطي آهي، نه ئي هو ڪڍي پئي سگهيو ۽ نه ئي ان کان نڪري سگهي. بهرحال! هن غلطيون ڪڍڻ جي نيت سان قرآن ڪريم پڙهڻ شروع ڪيو، پڙهندو ويو، پڙهندو ويو، اَلْحَمْدُ کان وٺي وَالنَّاس تائين پهتو،        اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! غلطي ته هو ڪڍي ئي نه پئي سگهيو پر جڏهن هن مڪمل قرآن ڪريم جو مطالعو ڪيو ته هن تي حق جا دروازا کُلي ويا ۽ هو ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو.

اَہْلِ منطق سر بہ سجدہ رہ گئے   پڑھ لیا جب فلسفہ قرآن کا

وضاحت: يعني وڏن وڏن فلسفي دانن، وڏن وڏن علم جي ماهرن جڏهن قرآن ڪريم پڙهيو ته انهن کي پنهنجو علم گهٽ نظر آيو ۽ اهي حق جو رستو سڃاڻي سجدي ۾ ڪري پيا.

ڪتاب پڙهي اسلام نصيب ٿي ويو

هي ته قرآن ڪريم جو اعليٰ شان آهي، هن پاڪ ڪتاب جو مقابلو ته ڪو ڪري ئي نه ٿو سگهي، الله پاڪ جي فضل سان، قرآن ڪريم جي فيضان سان علماءِ