Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye
وَ مِنْهُمْ اُمِّیُّوْنَ لَا یَعْلَمُوْنَ الْكِتٰبَ اِلَّاۤ اَمَانِیَّ وَ اِنْ هُمْ اِلَّا یَظُنُّوْنَ(۷۸) (پارو: 1، سورة بقره: 78)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ انهن مان ڪجهه اڻ پڙهيل آهن جيڪي ڪتاب کي نه ٿا ڄاڻن سواءِ زباني پڙهڻ جي يا ڪجهه پنهنجي من گهڙت ۽ اهي صرف خيال ۽ گمان ۾ پيل آهن.
يعني بني اسرائيل ۾ هڪ گروهه اهڙو آهي جيڪي ڪتاب کي نه ٿا ڄاڻن، بس ٻڌل ٻڌايل ڳالهين تي پڪو يقين ڪري ويٺا آهن[1].
معلوم ٿيو ته بني اسرائيل جيڪي ايمان کان محروم رهيا، جنت جا حقدار بڻجڻ کان محروم رهيا، ان جي هڪ وجهه اها به هئي ته اهي ڪتاب پاڻ نه پڙهندا هئا، ان کي سمجهندا نه هئا، بس جيڪو ڪجهه ٻڌائون، ان تي ئي هلندا رهندا هئا. جيڪڏهن اهي مثلاً توريت شريف پڙهن ها، ان کي سمجهن ها ته انهن کي خبر پوي ها ته محمد مصطفى احمد مجتبى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ئي آخري نبي آهن. انهن تي ايمان آڻڻ ئي نجات جو رستو آهي. پر هي ته توريت شريف کي ڄاڻندا ئي نه هئا، ڪڏهن کولي به نه ڏٺو هئائون. تنهنڪري حقيقت (Reality) کي ڄاڻي نه سگهيا ۽ گمراهي تي قائم رهيا. جيڪڏهن بني اسرائيل مطالعو ڪن ها، ديني ڪتاب سکن ها، انهن کي پڙهن ها ته علم جي گهرائيءَ تائين پهچي وڃن ها.
اڄڪلهه اسان جي دور جا جيڪي غير مسلم آهن، انهن جو به اهو ئي مسئلو آهي، انهن جي وڏن انهن کي اسلام جي باري ۾ جيڪو ڪجهه ٻڌايو، جيڪي غلط فهميون (Misconceptions) انهن جي ذهنن ۾ وڌيون ويون، اهي بس انهن تي ئي ڄميل رهندا آهن، ويجهو اچي اسلام کي سمجهڻ ۽ ڏسڻ جي ڪوشش ئي نه ڪندا آهن، تنهنڪري اسلام کان محروم رهجي ويندا آهن. جيڪڏهن اهي اسلام