Deeni Kitab Padha Kijiye

Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye

سُبْحٰنَ اللہ!  پيارا اسلامي ڀائرو! اها آهي ديني مطالعي جي برڪت...!! جيڪڏهن اسان ديني ڪتاب پڙهڻ جي عادت بڻايون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!  ان جي نورانيت نصيب ٿيندي ۽ الله پاڪ چاهيو ته اسان نيڪ بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ!  اسان جا بزرگانِ دين ڪتاب پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق رکندا هئا.  

40 سالن کان مطالعي جي عادت

امام حسن بصري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تمام وڏا ولي الله آهن، اوهان جا نصيحت ڀريا واقعا ۽ علم ۽ حڪمت سان ڀرپور ڳالهيون اسان عام طور ٻڌندا رهندا آهيون، پاڻ فرمائن ٿا: منهنجي زندگيءَ جا 40 سال هن حال ۾ گذريا جو سمهندي جاڳندي ڪتاب هميشه منهنجي سيني تي رهندو هو. (جامع بيان العلم، ص: 1227) 

هي لذت بادشاهن کي نصيب ڪٿي آ

امام محمد شيباني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه، جيڪي امام اعظم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي شاگردن مان آهن، انهن جو شان هي آهي جو هڪ غير مسلم  سندن ڪتاب اَلۡمَبۡسُوط جو مطالعو ڪيو ته اسلام ڪري ورتو. ان چيو ته  جڏهن مسلمانن جي ننڍي محمد جو اهو شان آهي ته خود محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان جو عالم ڇا هوندو...! 

امام محمد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  اڪثر مطالعو ڪندا هئا، مطالعي دوران جڏهن به ڪا نئين علمي ڳالهه پڙهندا هئا ته جوشِ محبت ۾ پنهنجي ران تي هٿ هڻي چوندا هئا: اَیْنَ ہٰذِہِ اللذَّۃُ لِاَبْنَاءِ الْمُلُوْکِ يعني هيءَ جيڪا علم جي لذت الله پاڪ مون کي عطا فرمائي آهي، اها لذت شهزادن جي نصيب ۾ ڪٿي آهي.  

عمامو ڏيئي سبب سڙي ويو

علامه شيخ عبدالحق محدث دهلوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مطالعو ڪرڻ منهنجو رات ڏينهن جو مشغلو هو. ننڍپڻ کان ئي منهنجي اها حالت هئي جو مون کي خبر