Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا قُوْۤا اَنْفُسَكُمْ وَ اَهْلِیْكُمْ نَارًا (پارو: 28، سورة التحريم: 6)
ترجموڪنزالعرفان:اي ايمان وارؤ! پنهنجن جانين کي ۽ پنهنجن گهر وارن کي اُن باھ کان بچايو.
پنهنجي ۽ پنهنجي گهر وارن جي اصلاح جو هڪ انداز هي به آهي ته اسان پاڻ به ديني ڪتاب پڙهون ۽ گهر وارن کي به ديني ڪتاب پڙهڻ جو عادي بڻايون. ان جو هڪ طريقو هي به ٿي سگهي ٿو ته اسان گهر ۾ ديني ڪتابن جي لائبريري ٺاهيون ڀلي اها مختصر هجي، پر گهر ۾ لائبريري ضرور هجڻ گهرجي ۽ اها به اهڙي جاءِ تي ٺاهيون جو اچڻ وڃڻ دوران ڪتابن جي زيارت ٿيندي رهي، بار بار نظر پوندي رهندي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! پڙهڻ جو ذهن به ٺهندو رهندو. گهر ۾ لائبريري قائم ڪرڻ جو هڪ فائدو هي به آهي ته اسان جو گڏ ڪيل ڪتابن جو ذخيرو اسان جي ايندڙ نسلن تائين پهچندو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! اسان جا خريد ڪيل ديني ڪتاب جيستائين پڙهيا ويندا، ان جو ثواب اسان کي به ملندو رهندو.
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! ان سلسلي ۾ مڪتبة المدينه هڪ بهترين لائبريري پيڪيج پيش ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ قرآن، حديث، فقه، سيرت ۽ ٻين موضوعن تي مشتمل لڳ ڀڳ 431 ڪتاب ۽ رسالا ۽ اهي به صرف 57 هزار روپين جي رعايتي قيمت تي، ته پوءِ اڄ ئي پنهنجي گهرن، مسجدن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ عوامي هنڌن تي لائبريري ٺاهڻ جو انتظام ڪيو ۽ گهڻو ثواب ڪمايو. وڌيڪ معلومات لاءِ هن نمبر تي رابطو ڪيو: 0313-1139278
پيارا اسلامي ڀائرو! ديني مطالعو ڪرڻ ديني ۽ دنياوي لحاظ کان به تمام گهڻي فائديمند عادت آهي. اسان سڀني کي پنهنجو وقت ڪڍي روزانو جي معمولات ۾ ڪجهه نه ڪجهه ديني ڪتابن جو مطالعو به شامل ڪرڻ گهرجي. مان ڪجهه مفيد