Deeni Kitab Padha Kijiye

Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye

ڪتابن جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، اهي سڀ ڪتاب خريد ڪري گهر ۾ رکي ڇڏيو! يا دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽ www.dawateislami.net تان مفت ڊائونلوڊ (Download) ڪيو!

* ڪفريه ڪلمات جي باري ۾ سوال جواب: شيخِ طريقت، امير اهل سنت  دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جو لکيل هڪ تمام اهم ڪتاب آهي. حديث  پاڪ  ۾  آهي: عنقريب (هڪ اهڙو زمانو ايندو جو) ماڻهو صبح جو مومن هوندو ۽ شام جو ڪافر هوندو، شام جو مومن هوندو ۽ صبح جو ڪافر هوندو.([1])  

افسوس! اڄ اهو زمانو نظر اچي رهيو آهي، معلومات جي تمام گهڻي کوٽ آهي، ماڻهو ڳالهائيندا آهن ته ڳالهائيندا ئي رهندا آهن ۽ ڳالهين ڳالهين ۾ ڪيترائي ڪفريه ڪلمات به ڳالهائي ويندا آهن، ايئن سندن ايمان ضايع ٿي ويندو آهي ۽ کين خبر ئي نه هوندي آهي.  عام طور تي عوام ۾ جيڪي ڪفريه ڪلمات ڳالهايا ويندا آهن، شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه هن ڪتاب ۾ اهي جملا ۽ ڪلمات گڏ ڪيا آهن ۽ انهن بابت قرآن، حديث ۽ عُلماءِ ڪرام جي ارشادن جي روشني ۾ حڪم واضح فرمايو آهي. تمام اهم ڪتاب آهي، اردو ۾ هن موضوع تي ايترو جامع ڪتاب ٻيو ڪو نظر مان نه  گذريو آهي. هي هر هڪ کي لازمي پڙهڻ گهرجي. هن ڪتاب جي باري ۾ ته اهو چئي سگهجي ٿو ته هر گهر جي هر فرد وٽ پنهنجو پنهنجو الڳ الڳ ڪتاب هئڻ گهرجي.

* تفسير صراط الجنان ۽ تفسير تعليم القرآن: هي ٻئي قرآن ڪريم جون تفسيرون آهن، صراط الجنان 10 جلدن تي مشتمل آهي ۽ تفسير تعليم القرآن  2 جلدن تي مشتمل مختصر تفسير آهي. هي ٻئي ڪتاب اسان کي پڙهڻ گهرجن. قرآن ڪريم الله پاڪ جو ڪلام آهي، اسان جي رب اسان لاءِ ڪهڙو پيغام موڪليو آهي، اسان جو رب رحمٰن اسان کي ڇا فرمائي رهيو آهي، افسوس جي


 

 



[1]...مسلم، كتاب الايمان، باب الحث علی المبادرۃ...الخ، صفحہ:62، حدیث:118۔