Deeni Kitab Padha Kijiye

Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye

لَقَدْ كَانَ لَكُمْ فِیْ رَسُوْلِ اللّٰهِ اُسْوَةٌ حَسَنَةٌ (پارو: 21، سورة الاحزاب: 21)

ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ توهان جي لاءِ الله جي رسول ۾ بهترين نمونو موجود آهي.

محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زندگي مبارڪ اسان لاءِ آئيڊيل (Ideal) آهي، بهترين نمونو آهي، ٿورو غور ته ڪيو! اسان کي سيرت پاڪ جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ئي نه هجي، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا مبارڪ انداز ڪهڙا هئا؟ پياريون پياريون ادائون ڪهڙيون هيون؟ اهي ڳالهيون اسان کي معلوم ئي نه هجن ته ٻڌايو! سيرت پاڪ جي پيروي اسان ڪيئن ڪري سگهنداسين.

* اهڙي طرح شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جا ڪتاب ۽ رسالا تمام آسان سنڌي زبان ۾ هوندا آهن آهن، جهڙوڪ: فيضانِ سنت، نِيڪي جي دعوت، غيبت جون تباهه ڪاريون، فيضانِ نماز وغيره  سندن مقبولِ عام ۽ نهايت مفيد ڪتاب آهن، اهي پڙهو! * الله پاڪ جي فضل سان امير اهلسنت علم دوست شخصيت آهن، پاڻ هر ڇنڇر تي ٿيڻ واري هفتيوار مدني مذاڪري ۾ هڪ مختصر رسالو پڙهڻ جي ترغيب ڏياريندا آهن، ان تي عمل ڪرڻ وارن جي لاءِ پياريون پياريون دعائون به ارشاد فرمائيندا آهن، اهو تمام مختصر رسالو هوندو آهي، هر هفتي اهو رسالو پڙهڻ جي عادت اختيار ڪيو! 

* جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته قرآن، حديث، تفسير، ديني احڪام ۽ مسائل، روزمره زندگي سان لاڳاپيل رهنمائي، نيڪ ماڻهن جا احوال، انهن جون تعليمات وغيره سڀ ڪجهه هڪ ئي جاءِ تي گڏ ملي، ته ان لاءِ دعوتِ اسلامي جي طرفان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالو فيضانِ مدينه جي سالياني بڪنگ (Booking) ڪرايو! اوهان جي گهر ۾ هر مهيني ماهوار فيضانِ مدينه رسالو پهچي ويندو، ان ۾ اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! ڪيترن ئي موضوعن تي مفيد ۽ معلوماتي مضمون هوندا آهن. پنهنجي سموري گهر کي ماهوار فيضان مدينه رسالو پڙهڻ جي ترغيب ڏياريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! علمِ دين جو نور