Deeni Kitab Padha Kijiye

Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye

پيارا اسلامي ڀائرو! انهن نيڪ بزرگن جي ذوق ۽ شوق کي سامهون رکي اسان پنهنجي وقت جو جائزو وٺون ته اسان ڪهڙي مجلس ۾ ويهي زندگي گذاري رهيا آهيون؟ اسان ڪجهه به پڙهون، ڪجهه به ٻڌون، ڪا وڊيو وغيره ڏسون، اها به هڪ صحبت آهي ۽ مشهور آهي ته اَلْصُحْبَۃُ مُؤَثِّرَۃٌ     يعني صحبت اثر رکندي آهي. 

ان ڪري اسان جيڪو ڪجهه پڙهي رهيا آهيون، ٻڌي رهيا آهيون، ڪا وڊيو وغيره ڏسي رهيا آهيون، پوسٽون پڙهي رهيا آهيون، واٽس ايپ جي گروپ جو حصو آهيون، اهي تمام به صحبتون آهن ۽ پنهنجي اندر اثر رکنديون آهن. اسان کي جائزو اهو وٺڻو آهي ته اسان ڪهڙي صحبت ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون، اسان اڪثر وقت ڪنهن سان محوِ گفتگو رهندا آهيون. خدا نه ڪري جيڪڏهن فضول پوسٽون پڙهڻ، ڏسڻ ۾ وقت گذاري رهيا آهيون، ناول ڊائجسٽ وغيرهه پڙهڻ ۾ وقت گذاري رهيا آهيون، سوشل ميڊيا تي فضول يا گناهن ڀريون وڊيوز ڏسڻ ۾ وقت گذاري رهيا آهيون ته اهو ڊڄي وڃڻ جو مقام آهي اها به هڪ صحبت آهي جيڪا اثر ڪرڻ کان سواءِ نه رهندي. 

الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. اسان جي بزرگن جو انداز ڪيترو نه پيارو هو، اهي بلند رتبي وارا حضرات سموري دنيا کان ڪٽجي ديني ڪتابن سان زندگي گذاريندا هئا، الله ۽ رسول جا ارشادات ٻڌندا، انهن کي پڙهندا ۽ دل ۾ سانڍيندا رهندا هئا. ڪاش! اسان کي به اهو شوق نصيب ٿي وڃي. مولانا حسن رضا خان صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: 

دِل میں ہو یاد تری گوشۂ تنہائی ہو پِھر تو خلوت میں عجب انجمن آرائی ہو([1])

ڪاش! اهڙو انداز اسان جو به ٿي وڃي، اسان به اڪيلائي پسند ٿي وڃون، گهڻو نه ته ڪجهه نه ڪجهه وقت ته ڪڍون، بس اسان هجون، اڪيلائي هجي ۽ ديني


 

 



[1] ذوقِ نعت، صفحہ:204۔