Deeni Kitab Padha Kijiye

Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye

شريعت، تمهيدالايمان، منهاج العابدين ۽ احياءُ العلوم وغيره جي مطالعي جي ترغيب ڏيندا رهندا آهن.

اميراهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه هن پرفتن دور ۾ آسانيءَ سان نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ جي طريقيڪار تي مشتمل شريعت ۽ طريقت جو جامع مجموعو ”نيڪ اعمال“ نالي رسالو سوالن جي صورت ۾ مرتب ڪيو آهي. جنهن ۾ اسلامي ڀائرن لاءِ 72، اسلامي ڀينرن لاءِ 63، طالب علمِ دين لاءِ 92، ديني طالبات لاءِ 83، مدني منن ۽ مدني منين لاءِ 40 ۽ خاص اسلامي ڀائرن (يعني گونگن ٻوڙن) لاءِ 27 نيڪ اعمال آهن. بيشمار اسلامي ڀائر، اسلامي ڀينرون ۽ طالب علم نيڪ اعمال رسالي جي مطابق عمل ڪري روزانو سمهڻ کان پهريان پنهنجو محاسبو ڪندي نيڪ اعمال رسالي ۾ ڏنل خانا ڀريندا آهن. انهن نيڪ اعمال تي اخلاص سان عمل ڪرڻ کان پوءِ نيڪ بڻجڻ ۽ گناهن کان بچڻ جي راهه ۾ حائل رڪاوٽون الله تعالى جي فضل ۽ ڪرم سان اڪثر دور ٿي وينديون آهن ۽ انهن جي برڪت سان        اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! پابندِ سنت بڻجڻ، گناهن کان نفرت ڪرڻ ۽ ايمان جي حفاظت ڪرڻ جو ذهن به بڻجندو آهي. انهن نيڪ اعمال ۾ به اوهان مطالعي جي حوالي سان ڪيترائي سوال تحرير فرمايا آهن، مثلاً اسلامي ڀائرن لاءِ 72 نيڪ اعمال ۾ هي سوال به شامل آهن: سوال نمبر (12) ڇا اڄ اوهان * اعلى حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه   * يا مڪتبة المدينه جي ڪنهن ڪتاب * يا رسالي * يا ماهوار فيضانِ مدينه کي گهٽ ۾ گهٽ 12 منٽ پڙهيو يا ٻڌو؟ سوال نمبر (63) ڇا اوهان هن هفتي جو هفتيوار رسالو پڙهيو يا ٻڌو؟ سوال نمبر (71) ڇا اوهان زندگيءَ ڀر جي نصاب جو مطالعو فرمايو؟ (* منهاج العابدين * جاءَ الحق * بهارِ شريعت حصو 9 مان مريد جو بيان * حصو 16 مان خريد و فروخت جو بيان ۽ والدين جي حقن جو بيان * (جيڪڏهن شادي شده آهيو ته) حصو 7 مان محرمات جو بيان ۽ حقوق الزوجين * حصو 8 مان ٻارن جي پرورش جو بيان، طلاق جو بيان، ظهار جو بيان