Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail
معلوم ٿيو. * جيڪي جنت جي راھ تي هلن ٿا. * جيڪي نمازون پڙهن ٿا، سنتون اپنائن ٿا. * نيڪ ڪم ڪن ٿا. * جنت ۾ وڃڻ وارا اعمال ڪن ٿا. * جيڪڏهن اَڄ اسان انهن سان محبت ڪنداسين. * انهن سان دوستي ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قيامت جي ڏينهن انهن سان ئي گڏ هونداسين ۽ الله نه ڪري! * جيڪڏهن اڄ اسان جهنم جي راھ تي هلڻ وارن سان گڏ ويهنداسين. * جيڪي نمازون نٿا پڙهن. * جيڪي روزا نٿا رکن. * جيڪي ڳائڻ وڄائڻ ٻڌن ٿا، فلمون ڊراما ڏسن ٿا. * گارگند ڪندا. * لڙائي جهڳڙو ڪندا. * شراب پيئندا. * جوا کيڏيندا آهن. * الله پاڪ ۽ رسول جي نافرماني ڪندا آهن، جيڪڏهن اسان اهڙن سان دوستي ڪئي ۽ الله نه ڪري توبه ڪرڻ بنا ئي دنيا مان هليا وياسين ته افسوس! حديث پاڪ جي مطابق قيامت جي ڏينهن انهن ئي سان گڏ اٿاريا وينداسين. الامان والحفیظ!
صحبتِ صَالِح تُرَا صَالِحْ کُند صحبتِ طَالِحْ تُرَا طَالِحْ کُند
ترجمو: يعني چڱي جي صُحبت توکي چڱو بڻائيندي، بُري جي صُحبت توکي بُرو بڻائيندي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
هي آهي جنهن سان تون محبت ڪندو هُئين
اي عاشقانِ رسول! هي سڀئي حديثون ٻُڌي ڪري ٿي سگهي ٿو ته ذهن ۾ اهو خيال اچي ته هي حديثون ته ان متعلق آهن جنهن کي انسان ڏٺو هجي، ان کان مليو هجي، پوءِ ان سان محبت ڪئي هجي، اسان ته غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي زيارت به