Share this link via
Personality Websites!
428631
7157
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن ملائڪ اولياءِ ڪرام سان محبت ڪن ٿا بلڪه صرف ملائڪ ئي نه، انهن ملائڪن جا آقا، اسان جا پيارا نبي، محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم به اولياءِ ڪرام سان محبت فرمائيندا آهن بلڪ انهن جو ربّ ڪريم، الله ربُّ العٰلمين به اولياءِ ڪرام سان محبت فرمائيندو آهي ته ٻڌايو! اسان پنهنجي آقا جا غلام، الله پاڪ جا عاجز ٻانها ڀلا ڇونه اولياءِ ڪرام سان محبت ڪنداسين. هائو! اسان ضرور اولياءِ ڪرام سان محبت ڪندا هئاسين، ڪندا آهيون ۽ اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! مرڻ گهڙيءَ تائين بلڪه قبر ۾ به انهيءَ محبت سان لهنداسين ۽ حشر ۾ به انهيءَ محبت سان اٿنداسين. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!!
خُدا تجھ سے تیری وِلا مانگتا ہوں میں عشقِ شہِ انبیا مانگتا ہوں
صَحابہ کی اور اولیا کی مَحَبّت کی خیرات تجھ سے خُدا مانگتا ہوں([1])
الله پاڪ جي نيڪ پرهيزگار ٻانهن سان محبت هجڻ وڏي فضيلت جي ڳالھ آهي، اها پاڪيزه محبت هر هڪ کي نصيب ناهي ٿيندي، صرف پاڪيزه طبيعت وارن ماڻهن ئي کي عطا ڪئي ويندي آهي ۽ جنهن ٻانهي جي دل ۾ ولين سڳورن جي محبت موجود آهي، اها هن ڳالھ جي دليل آهي ته هو طبيعت جو پاڪ ۽ چڱي فطرت جو مالڪ آهي. حديث شريف جي ڪتاب مسلم شريف ۾ آهي: الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اَلْأَرْوَاحُ جُنُودٌ مُجَنَّدَةٌ روح پاڻ ۾ جڙيل لشڪر آهن (يعني هن دنيا ۾ انساني جسم ۾ اچڻ کان پهريان عالم ارواح ۾ روح ملي جُلي ڪري رهندا هئا) پوءِ جيڪي روح(اُتي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami