Mohabbat e Auliya Ke Fazail

Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail

مطلب ته: مُردن جو زندھ ٿيڻ اها ڪا حقيقت جي خلاف ڳالھ ناهي، بلڪل ممڪن آهي، الله پاڪ چاهي ته ايئن ٿي سگهي ٿو. بلڪ ٿيندو به آهي.

قلبِ مردہ کو بھی ٹھوکر سے جِلا دو مُرشِد                                         بِالیقیں تم نے تو  مُردوں کو جِلایا یاغوث!

آفتوں میں ہوں گرفتار، مدد کو آؤ                                                                           آہ! دُنیا کے غموں نے ہے ستایا یاغوث!

میں جہنّم میں نہ اب جاؤں گا اِنْ شَآءَ اللہُ!                                               رہنما تم کو جو میں نے ہے بنایا یاغوث! ([1])

اولياءِ ڪرام جو شان

اي عاشقانِ رسول! اولياءِ ڪرام تمام وڏي رُتبي وارا ماڻهو هوندا آهن، الله پاڪ کين وڏي شان سان نوازيو آهي. سيپاري:11 سورت يونس، آيت: 62_63 ۽ 64 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

اَلَاۤ اِنَّ اَوۡلِیَآءَ اللّٰہِ لَا خَوۡفٌ عَلَیۡہِمۡ وَ لَا ہُمۡ یَحۡزَنُوۡنَ ۖ  (۶۲) الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ کَانُوۡا یَتَّقُوۡنَ (۶۳)

لَہُمُ الۡبُشۡرٰی فِی الۡحَیٰوۃِ الدُّنۡیَا وَ فِی الۡاٰخِرَۃِ ؕ  لَا تَبۡدِیۡلَ لِکَلِمٰتِ اللّٰہِ ؕ ذٰلِکَ ہُوَ الۡفَوۡزُ الۡعَظِیۡمُ (۶۴)

ترجمو ڪنزالعرفان: ٻڌو بيشڪ الله جي ولين تي نه ڪجهه خوف هوندو ۽ نه اهي غمگين ٿيندا. اهي جن ايمان آندو ۽ ڊڄندا رهيا. انهن جي لاءِ دنيا جي زندگي ۾ ۽ آخرت ۾ خوشخبري آهي، الله جون ڳالهيون بدلجنديون ناهن، اها ئي وڏي ڪاميابي آهي (پارہ:11، الیونس:62-64)

  مشهور مفسرِقرآن، مفتي احمديارخان نعيمي  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  هن آيت ڪريمه جي تفسير ۾ فرمائن ٿا: اي انسانو! ڪن کولي ٻڌو! آگاھ ٿي وڃو! هن ۾ شڪ ناهي ته الله پاڪ جي دوستن، سندن قرب جي سعادت ماڻڻ وارن جي شان اها آهي جو *  دنيا ۾ انهن کي ڪنهن به مخلوق جو خوف، ڊپ ناهي ٿيندو ڇوته


 

 



[1]...وسائلِ بخشش،صفحہ:540- 541 ملتقطًا۔