Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail
حديث پاڪ ۾ آهي: ٻانهو جڏهن پنهنجي ديني ڀاءُ کان ملڻ جي لاءِ گهر کان نڪرندو آهي ته 70 هزار ملائڪ ان تي سايو ڪندا ۽ ان جي لاءِ دعا ڪندا آهن.
(شُعَبُ الایمان،باب فی مقاربۃ ...الخ،قصۃ ابراہیم ...الخ،جلد:6،صفحہ:493،حدیث:9024۔)
ايمان جي لاءِ سڀ کان مضبوط رسي
اي عاشقانِ رسول! اسان جيڪي اولياءِ ڪرام سان محبت جا فضائل ٻُڌا ته. * اُن ايماني محبت جي برڪت سان جنت ملندي آهي * جنت ۾ اوچا ۽ چمڪدار محل ملندا آهن. * ان محبت جي برڪت سان قيامت ۾ امن ملندو. * عرش الٰهي جو سايو نصيب ٿيندو. * الله پاڪ جو پيارو ٻانهو بڻجڻ جي سعادت نصيب ٿيندي، ياد رکو! هي سڀئي نعمتون اُنهي وقت ملنديون، جڏهن ته انسان ايمان وارو به هجي ڇوته آخرت جي ڪاميابي جي لاءِ سڀني کان بنيادي شرط ايمان آهي. انڪري اسان کي پنهنجي ايمان جي حفاظت جو به فڪر ڪرڻ گهرجي.
هاڻي اسان کي ايمان جي حفاظت ڪيئن ڪرڻي آهي؟ ان جو طريقو به ٻڌي وٺو! اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ سَرَّہَ اَنْ یَجِدَ حَلَاوَۃَ الْاِیْمَانِ جيڪو ايمان جي مٺاڻ حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، فَلْیُحِبُّ الْمَرْءَ لَا یُحِبُّہٗ اِلَّا لِلّٰہ ان کي گهرجي ته ان(الله) جي ٻانهن سان صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا جي لاءِ محبت ڪري.(مستدرک،کتاب الایمان،جلد:1،صفحہ:147،حدیث:3۔)
امام احمد بن حنبل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه حديث پاڪ لکي آهي، صحابي رسول حضرت براء بن عازب رَضِىَ الله عَنْه فرمائن ٿا: اسان بارگاھ رسالت ۾ ويٺا هئاسي، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پڇيو: اَیُّ عُرَی الْاِیْمَانِ اَوْثَقُ يعني ايمان جي سڀ کان مضبوط رسي ڪهڙي آهي؟ صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان عرض ڪيو: نماز. فرمايائون: نماز تمام ڀلي آهي پر منهنجي سوال جو جواب اهو ناهي. وري عرض ڪيائون: