Mohabbat e Auliya Ke Fazail

Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail

سندن دليون الله پاڪ جي خوف کان ڀريل آهن.  *  انهن کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪو رنج ۽ غم به ناهي، الله پاڪ انهن کي ان ٻنهي تڪليفن کان محفوظ رکندو آهي *  هي اُهي ماڻهو آهن جيڪي سچا، پڪا مومن هوندا آهن، هي هر وقت متقي پرهيزگار رهندا آهن.  *  نه ڪو فرض، واجب يا سنت ڇڏيندا آهن، نه ڪو ناجائز ڪم ڪندا آهن  *  انهن جي لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ خوشخبريون آهن.  *  سندن ولايت جي گواهي ماڻهن جي زبان تي موجود آهي.  *  انهن جي طرف دليون جهڪن ٿيون.  *  ۽ مرندي وقت ملائڪ کين جنتي هجڻ جي خوشخبري ڏيندا آهن.  *  قيامت جي ڏينهن جنت ۾ داخلي جي وقت انهن کي خوشخبريون ڏنيون وينديون.  *  هي الله پاڪ جا وعدا آهن جيڪي ڪڏهن تبديل ناهن ٿيندا، اي انسانو! هي وڏي ڪاميابي آهي، ان جي طرف مائل ٿيو.

(تفسیرِ نعیمی،پارہ:11،یونس،زیرِ آیات: 62-63- 64  بتغیر قلیل۔)

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! اولياءِ ڪرام جون ڪيتريون عظمتون آهن، الله پاڪ کين دنيا ۾ به بلند مقام عطا فرمائيندو آهي ۽ آخرت ۾ به انهن کي بلند مقام ڏنا ويندا، الحمدلله! اولياءِ ڪرام دنيا ۾ به سردار آهن ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! آخرت ۾ به سردار هوندا.

اولياءِ ڪرام جي محبت دلين ۾  وڌي ويندي آهي

 اي عاشقانِ رسول! قرآن ڪريم ۾ ۽ ٻين به ڪيئي هنڌن تي اولياءِ ڪرام جي شان بيان ڪئي وئي آهي، سيپارو: 16، سورت مريم آيت نمر 96 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

اِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَيَجْعَلُ لَهُمُ الرَّحْمٰنُ وُدًّا