Mohabbat e Auliya Ke Fazail

Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail

ٿيندو آهي؟ حديث پاڪ ۾ آهي: ثُمَّ یُوْضَعُ الْقَبُوْل فِی الْاَرْضِ پوءِ زمين ۾ ان ٻانهي جي قبوليت رکي ويندي آهي (مسلم،کتاب البر و الصلۃ و الآداب،باب اذا احب اللہ عبدا ...الخ،صفحہ:1016،حدیث:2637۔ )

  سُبْحٰنَ اللہ! اي عاشقانِ رسول! هي آهي اولياءِ ڪرام جو نرالو شان....! هي الله پاڪ جا اُهي خوش نصيب ٻانها آهن جن کان الله پاڪ به محبت ڪري ٿو، حضرت جبريل  عَلَيۡهِ السَّلَام  به محبت ڪري ٿو ۽ سڀئي ملائڪ انهن کان محبت ڪن ٿا، پوءِ انهن جي محبت ماڻهن جي دلين ۾ وڌي ويندي آهي.

مجھے اولیا کی محبّت عطا کر                                                                                                تُو دِیوانہ کر غوث کا یااِلٰہی!

مری لاش سے سانپ بچھو نہ لپٹیں                                         کرم  از  طفیلِ  رضا  یااِلٰہی!([1])

 ملائڪن جون ڪجھ ادائون

  سُبْحٰنَ اللہ! ملائڪ اولياءِ ڪرام سان ڪهڙي محبت ڪندا آهن، هي به ٻڌي وٺو! علّامه نَجۡمُ الدّين غَزِّي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: * ملائڪ الله جو ذڪر ڪرڻ وارن (الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن) سان همدردي رکندا آهن، ملائڪ انهن جي تعريف (Praise) ڪندا آهن * انهن جي متعلق سُٺو گمان رکندا آهن * الله پاڪ جي درٻار ۾ انهن جي نيڪ ڪمن جي گواهي ڏيندا آهن * انهن جي دعائن تي آمين چوندا آهن * اولياءِ ڪرام سان محبت رکندا آهن * انهن جي مجلس ۾ ويهندا آهن * سَفر (Travelling) ۽ اڪيلائي ۾ انهن سان گڏ رهندا آهن * ۽ جڏهن الله پاڪ جو ڪو نيڪ ٻانهو دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويندو آهي ته ملائڪ ان تي غمگين ٿيندا آهن * انهن جي جنازي ۾ به شريڪ ٿيندا آهن * ۽ انهن جي مزارن جي زيارت جي لاءِ به تشريف وٺي ايندا آهن. 

(حُسْنُ التَّنْبِہ لِما وَرَدَ فی التَّشبِیہ،جلد:1، صفحہ:231 و334 و 344 و359 و376)


 

 



[1]...وسائلِ بخشش،صفحہ:106 ملتقطًا۔