Share this link via
Personality Websites!
428647
7157
و اولياء جي گفتگو ٻڌون، ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هي پاڪيزه ۽ ايماني محبت دل ۾ مضبوط رهندي، هيءَ محبت مضبوط رهي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ايمان سلامت کڻي دنيا کان رخصت ٿينداسين.
آپ جیسا پِیر ہوتے کیا غرض در در پھروں آپ سے سب کچھ مِلا یاغوثِ اعظم دست گیر!
راستہ پُر خار، منزل دُور، بَنْ سُنسان ہے المدد! اے رہنما! یا غوثِ اعظم دست گیر!
اب سرہانے آؤ! مرشِد اور مجھے کلمہ پڑھاؤ دم لبوں پر آ گیا یاغوثِ اعظم دست گیر!([1])
اولياءِ ڪرام سان دشمني رکڻ کان بچو
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان اولياءِ ڪرام سان محبت جون فضيلتون ۽ ان جون برڪتون ٻڌيون، ان سان گڏوگڏ اهو به ذهن ۾ رکو! ته اولياءِ ڪرام سان دشمني رکڻ، دل ۾ سندن نفرت رکڻ، اولياءِ ڪرام جون گستاخيون ڪرڻ، سندن شان ۾ هلڪو لفظ به ڳالهائڻ نهايت ئي خطرناڪ ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ هلاڪت جو سبب آهي. بُخاري شريف ۾ حديث پاڪ آهي ۽ هيءَ حديث به حديث قدسي آهي يعني ڪلام الله پاڪ جو آهي ۽ بيان مصطفيٰ جان رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو: مَنْ عَادَی لِیْ وَلِیًّا فَقَدْآذَنْتُہٗ بِالْحَرْبِ جيڪو منهنجي ڪنهن ولي سان دشمني رکي، مان ان سان جنگ جو اعلان ڪيان ٿو. (.بخاری،کتاب الرقاق،باب التواضع،صفحہ:1597،حدیث:6502۔)
هي آهي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ اولياءِ ڪرام جو مقام ۽ مرتبو، اولياءِ ڪرام جي عزّت، جو جنهن ٻانهي جي دل ۾ اولياءِ ڪرام جي ذري برابر به
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami