Mohabbat e Auliya Ke Fazail

Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail

محفلون به سجائين ٿا.  *  انهن جي ايصالِ ثواب جو اهتمام به ڪن ٿا.  * انهن جو ذڪر به ڪن ٿا.  *  انهن جا ڳڻ به ڳائين ٿا اولياءِ ڪرام جو نالو ٻُڌي ڪري.  * انهن جي سيرت پڙهي ڪري.  *  انهن جو ذڪر پاڪ ٻُڌي ڪري جن جي چهرن تي خوشي جي لهر اچي ويندي آهي، اڄ دنيا ۾ اُهي ماڻهو ولين سان محبت ڪن ٿا.  *  قيامت جي ڏينهن ربّ پاڪ کين انهن ولين سان ئي گڏ رکندو.  *  انهن سان گڏ حشر به ڪندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته انهن جي پويان پويان جنت ۾ به پڄندا.

آل و اصحاب سے محبّت ہے                                                                     اور سب اولیا سے اُلفت ہے

یہ سب اللہ کی عنایت ہے                                                                                  مل گئی مصطفےٰ کی اُمّت ہے

غوث و خواجہ کی دِل میں اُلفت ہے                                        قلب میں عشقِ اعلیٰ حضرت ہے

مرحبا! اپنی خوب قسمت ہے                                                                          پیر و مرشِد کی دِل میں چاہت ہے([1])

اوهان کي ڪنهن سان محبت آهي؟

اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: اَلْمَرْءُ مَعَ مَنْ اَحَبَّ انسان انهي سان گڏ هوندو، جنهن سان محبت ڪندو آهي. (بخاری،کتاب الادب،باب علامۃ حب اللہ ...الخ،صفحہ:1529،حدیث:6168۔)

حديث پاڪ ۾ جتي اولياءِ ڪرام سان محبت جي فضيلت جو پهلو نظر اچي ٿو، اُتي ئي هيءَ حديث شريف اسان جي لاءِ محبت جو معيار پڻ مقرر ڪري ٿي.


 

 



[1]...وسائلِ بخشش،صفحہ:684۔