Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail
(ابو داؤد،کتاب البیوع،باب فی الرہن،صفحہ:561،حدیث:3527۔)
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! اولياءِ ڪرام سان محبت ڪرڻ وارن جي ڪيتري نرالي شان آهي، حديث پاڪ جي مشهور ڪتاب مسلم شريف ۾ آهي، رسول خدا، احمد مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بيشڪ قيامت جي ڏينهن الله پاڪ فرمائيندو: منهنجي عظمت جي خاطر هڪٻئي سان محبت رکڻ وارا ڪٿي آهن” اڄ جڏهن ته ڪٿي ڪو سايو ناهي، مان انهن کي پنهنجي عرش جو سايو عطا فرمائيندس.( مسلم،کتاب البر و الصلۃ و الآداب،باب فی فضل الحب فی اللہ ،صفحہ:996،حدیث:2566۔)
حضرت ابوهريره رَضِىَ الله عَنْه کان روايت آهي، سرڪار مدينه، قرار قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بيشڪ جنت ۾ ياقوت (نالي پٿر) سان بڻيل ٿنڀا آهن، انهن جي مٿان زبرجد کان جڙيل محل آهن، انهن جا دروازا کُليل آهن، هُو چمڪندا آهن جيئن تارا چمڪندا آهن. پڇيو ويو: يارسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! انهن ۾ ڪير رهندو؟ فرمايائون: الْمُتَحَابُّونَ فِي اللَّهِ الله پاڪ جي رضا جي لاءِ پاڻ ۾ محبت رکڻ وارا،
(مسندِ بزّار،جلد:15،صفحہ:282،حدیث:8776۔)
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته شان آهي....!! اولياءِ ڪرام سان محبت جو هي جيڪو بي مثال اجر ڏنو ويندو، ان جي به ڪا قيمت نٿي ٿي سگهي پر قربان وڃو! الله پاڪ جون عطائون بيشمار آهن، مشهور مفسر قرآن، حڪيم الامت مفتي احمديارخان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث شريف جي شرح ۾ فرمائن ٿا: اهو جيڪو اجر بيان ٿيو، اهو صرف رضاءِ الٰهي جي لاءِ محبت رکڻ جو آهي، ان محبت جي نتيجي ۾ ٻانهو جيڪو ڪجھ ڪندو آهي(جيئن غوث و خواجه جي محبت ۾