Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail
کي به ان جي ترغيب ڏياريو۔
صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
قيمت (Rate) گهٽ ڪرائڻ سنّتِ مصطفٰي آهي
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم : الله پاڪ ان شخص تي رحم فرمائي جيڪو وڪڻڻ ۽ خريد ڪرڻ ۾ آساني ڪري.
(مسند ابی یعلیٰ، جلد:5، صفحہ:195، حدیث:6824ملتقطاً۔)
اي عاشقانِ رسول! ڪا به شيءِ خريد ڪرڻ وقت قيمت گهٽ ڪرائڻ سنّت آهي. )مرآۃ المناجیح، جلد:4، صفحہ:304بتغیر قلیل( * اعلٰي حضرت، امام اهلِ سنّت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: قيمت (يعني Rate ۾ گهٽتائي) جي لاءِ حجّت (يعني بحث ۽ تڪرار) ڪرڻ بهتر آهي بلڪه سنّت آهي. (فتاویٰ رضویہ، جلد:17، صفحہ:128) * هڪ ڀيري سُوَيد بن قيس رَضِىَ الله عَنْه ڪپڙا کڻي ڪري مڪي شريف ۾ آيا ته پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن انهن کان ڪجھ ڪپڙا خريد ڪيا. حضرت سُوَيد بن قيس رَضِىَ الله عَنْه فرمائن ٿا: مصطفٰي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کان قيمت طئي ڪئي، ڪجھ گهٽ ڪرائي، آخر ۾ اهو