Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail
بلڪ هزارن سالن کان آهي، اَلحَمۡدُلله! اولياءِ ڪرام کان محبت ڪرڻ وارا اُهي خوش قسمت آهن جن کي عالم اَرواح ۾ موجود ڪروڙين روحن مان جيڪي روح چڱا لڳا هئا، جن جي طرف اهي مائل ٿيا هئا، اُهي ڪي عام ماڻهو نه هئا بلڪه نيڪيون ڪرڻ وارا، الله پاڪ جا محبوب يعني اولياءِ ڪرام هئا.
صحابہ کا گدا ہوں اور اَہْلِ بیت کا خادِم
یہ سب ہے آپ ہی کی تو عنایت یارسولَ اللہ!
تمہارا فضل ہے جو میں غُلامِ غوث و خواجہ ہوں
نہ ہو کم اَوْلیا کی دِل سے الفت یارسولَ اللہ!([1])
الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! اولياءِ ڪرام جي محبّت جي به ڇا ڳالھ آهي...!! هيءَ اُها پاڪيزه محبت آهي جيڪا اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! جنت ۾ وڃڻ جو ذريعو بڻجي ويندي. جي ها! اها سچي ڳالھ آهي، حضرت اَنس بن مالڪ رَضِىَ الله عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري هڪ شخص بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: مَتَی السَّاعَۃُ؟ يعني يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! قيامت ڪڏهن ايندي؟
(يقيناً اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم قيامت جو علم رکن ٿا، کين معلوم هو ته قيامت ڪڏهن ايندي، تڏهن ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم قيامت جون نشانيون بيان فرمايون، قيامت ڪهڙي ڏينهن ايندي، هي به ٻڌايائون، ڪهڙيءَ تاريخ تي ايندي، هي به ٻڌايائون. ها! صرف سال نه ٻڌايائون، ان ڪري جو سال ٻڌائڻ جي اجازت نه هئي، بهرحال