Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail
صحابہ کی اور اولیا کی محبّت کی خیرات تجھ سے خدا مانگتا ہوں
الٰہی نہیں چاہئے تختِ شاہی فقط تیری رحمت، خدا مانگتا ہوں([1])
ملائڪ انساني صورت ۾ اچي خوشخبري ٻڌائي
مسلم شريف ۾ حديث شريف آهي: هڪ شخص پنهنجي مسلمان ڀاءَ سان مُلاقات جي لاءِ گهر کان نڪتو، ڪنهن ٻئي شهر ڏانهن وڃي رهيو هو، الله پاڪ هڪ ملائڪ کي (انساني روپ ۾) رستي ۾ ويهاري ڇڏيو. جڏهن اهو شخص ملائڪ وٽ پهتو ته ملائڪ پڇيو: ڪٿي جو اِرادو آهي؟ چيائين: مان فلاڻي ڳوٺ ۾ پنهنجي هڪ ديني ڀاءَ سان ملڻ وڃي رهيو آهيان. ملائڪ چيو: ڇا ان توتي ڪو احسان ڪيو آهي (مثلاً ان توکي ڪنهن مشڪل کان بچايو هيو، توکي ڪجھ پيسا ڏنا هئا، توکي نوڪري تي لڳرايو هيو جو) تون ان جو بدلو چڪائڻ پيو وڃي؟ چيائين: نه، اهڙي ڪابه ڳالھ ناهي، مان ته ان سان الله پاڪ جي رضا جي لاءِ محبت ڪيان ٿو، ملائڪ چيو: بيشڪ مان تنهنجي لاءِ الله پاڪ جو پيغام کڻي آيو آهيان ته جهڙي طرح تون ان سان الله پاڪ جي رضا جي لاءِ محبت ڪرين ٿو ايئن ئي الله پاڪ به توکان محبت ڪري ٿو.
(مسلم،کتاب البر و الصلۃ و الآداب،باب فی فضل الحب فی اللہ ،صفحہ:996،حدیث:2567۔)
اي عاشقانِ رسول! هن حديث شريف ۾ رضاءِ الٰهي جي لاءِ نيڪ ماڻهن کان محبت رکڻ جي فضيلت جو بيان آهي، ان سان گڏوگڏ اهو به معلوم ٿيو ته جن نيڪ ماڻهن سان، اولياءِ ڪرام سان محبت هجي، انهن سان ملڻ وڃڻ به نيڪي جو ڪم آهي. (.مرآۃ المناجیح،جلد:6،صفحہ:588 بتغیر قلیل۔)