Mohabbat e Auliya Ke Fazail

Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail

جي ڇا مجال جو الله پاڪ تي اعتراض ڪري۔ الحمدلله! اسان جو اهو ئي عقيدو آهي ته الله پاڪ جي عطا جي بغير، پنهنجي ذاتي طاقت سان مُردا زِنده ڪرڻ ته رهيو پري، ڪو هڪ ڪک به نٿو چَوري سگھي، ۽ الله پاڪ طاقت بخشي ته انسان مردا به زِنده ڪري سگھي ٿو۔ الحمد لله! حُضُور غوثِ پاڪ  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  کي الله پاڪ ئي اها طاقت بخشي هئي جو پاڻ مُردا زِنده ڪندا ها۔ هاڻي ڪو آهي جيڪو الله پاڪ جي عطا تي اعتراض ڪري سگھي؟

ڇا مرڻ کان بعد دنيا ۾ واپس موٽڻ ممڪن آهي

۽ جيستائين ڳالھ آهي مرڻ کان پوءِ ٻيهر زندھ ٿيڻ جي ته اهو بلڪل ممڪن آهي، قرآن ڪريم ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا موجود آهن جن ۾ مُردن جي زندھ ٿيڻ جو ذڪر آهي. سورت بقره ۾ واقعو آهي ته بني اسرائيل جي هڪ نيڪ ٻانهي جي ڳئون کي ذبح ڪري ان جي گوشت جو ٽڪڙو مردي کي لڳايو ويو ته اهو زندھ ٿي ويو.  *  سورت بقره ئي ۾ بني اسرائيل جي ستر هزار مردن جي زندھ هجڻ جو واقعو موجود آهي. حضرت ابراهيم  عَلَيۡهِ السَّلَام  4 پکي پڪڙي ذبح ڪري انهن جي گوشت جو قيمو بڻايو، پوءِ انهن جو گوشت پري مختلف جبلن تي رکيو، پوءِ انهن کي پڪاريو ته اهو گوشت اڏامي ڪري آيو، قيمو بڻيل گوشت مان ٻوٽيون الڳ الڳ ٿيون ۽ پنهنجي پنهنجي سرن سان وڃي جڙيون، چارئي پکي ٻيهر زندھ ٿي ويا، اهو واقعو به سورت بقره جي ٽئين سيپاري ۾ موجود آهي  *  ۽ اصحابِ ڪهف جو واقعو ته تمام گهڻو مشهور آهي، اهي حضرت عيسيٰ  عَلَيۡهِ السَّلَام  جا اُمّتي هئا، هڪ ظالم بادشاھ جي شر کان بچڻ جي لاءِ پنهنجو ايمان بچائڻ خاطر هڪ غار ۾ پناھ ورتائون، 300 سال تائين سمهي رهيا، 300 سال کان بعد الله پاڪ انهن کي ٻيهر زندھ ڪيو.