Mohabbat e Auliya Ke Fazail

Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail

ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ اهي جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا عنقريب رحمٰن انهن جي لاءِ محبت پيدا ڪندو. (پارہ:16، المریم:96)

سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو، اهي ماڻهو جن ايمان آندو، ايمان جي اعليٰ مقام تائين پهتا، سڄي حياتي انهن جو ايمان، سندن عقيدو هر عيب کان، هر ڪمي کان پاڪ رهيو، اهي ايمان جي لحاظ کان به ڪامل ٿيا، عقيدي جي لحاظ کان به ڪامل ٿيا، پوءِ ان سان گڏوگڏ انهن نيڪ عمل به خوب ڪيا، انهن پنهنجي سڄي زندگي الله پاڪ  جي ڪامل بندگي ۾ گذاري، انهن جي اها شان آهي جو الله پاڪ پاڻ به انهن سان محبت فرمائيندو آهي ۽ گڏوگڏ ماڻهن جي دلين ۾ به انهن جي محبت رکي ويندي آهي.

اولياءِ ڪرام جي محبت دلين ۾ ڪيئن  وڌي ويندي آهي؟

 حديث پاڪ جي مشهور ڪتاب مسلم شريف ۾ حديث پاڪ آهي،  حضُورِ پاڪ، صاحب ِلولاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جن فرمايو: الله پاڪ جڏهن ڪنهن ٻانهي سان مَحَبَّت ڪندو آهي ته حضرت جبريل  عَلَيۡهِ السَّلَام  کي گُھرائيندو آهي، پوءِ فرمائيندو آهي ته اِنِّی اُحِبُّ فَلَاناً فَاَحِبْہُ يعني(اي جبريل!) مان فُلاڻي سان مَحَبَّت ڪندو آہيان، تون به ان سان مَحَبَّت ڪر، سو حضرت جبريل  عَلَيۡهِ السَّلَام  ان ٻانهي سان مَحَبَّت ڪرڻ لڳندو آهي، پوءِ هي محبتن جو سلسلو هتي ناهي رڪندو بلڪ ثُمَّ یُنَادِی فِیْ السَّمَآء پوءِ آسمانن ۾ اعلان ڪيو ويندو آهي: اِنَّ اللہَ یُحِبُّ فُلَانًا فَاَحِبُّوْہُ  يعني اي آسمان وارؤ! بيشڪ الله پاڪ فُلاڻي سان مَحَبَّت ڪري ٿو، توهان به ان سان مَحَبَّت ڪريو، پوءِ آسمان وارا ملائڪ ان سان مَحَبَّت ڪندا آهن، پوءِ ڄڻ سڄي آسمانن ۾ ولي الله جي محبت عام ٿي ويندي آهي، پوءِ ان کان بعد ڇا