Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail
اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قيامت جي ڏينهن اسان کي انهن ولين سڳورن رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه م جي خدمت ۾ حاضر ڪري چيو ويندو: هي اُهي وليءَ سڳورا آهن جن سان توهان محبت ڪندا هئا.
ندا دے گا مُنَادِی حشر میں یُوں قادریوں کو کدھر ہیں قادری کر لیں نظارہ غوثِ اعظم کا
چلا جائے بلا خوف و خطر فردوسِ اعلیٰ میں فقط اک شرط ہے ہو نام لیوا غوثِ اعظم کا
فرشتو روکتے کیوں ہو مجھے جنّت میں جانے سے
یہ دیکھو ہاتھ میں دامن ہے کس کا غوثِ اعظم کا([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
قيامت جي ڏينهن قابل رشڪ رتبو ماڻڻ وارا
اي عاشقانِ رسول! ولين جي محبت جي به ڇا ته نرالي فضيلت آهي، اچو! هڪ ٻي حديث شريف ٻڌون ٿا: حديث پاڪ جي ڪتاب ابوداؤد شريف ۾ مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق رَضِىَ الله عَنْه کان روايت آهي، ته رسول خدا، احمد مجتبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بيشڪ الله پاڪ جا ڪي ٻانها اهڙا به آهن، جيڪي نه نبي آهن نه شهيد (پر سندن شان اهڙي آهي جو) قيامت جي ڏينهن سندن مقام ۽ مرتبي کي ڏسي انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام ۽ شهيد به فخر ڪندا. عرض ڪيو ويو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! اُهي ڪير آهن؟ فرمايائون: هي اُهي ماڻهو آهن جن جي پاڻ ۾ ڪابه مٽي مائٽي ناهي، جن جو هڪٻئي سان ڪوبه مالي ڏيڻ وٺڻ ناهي، هي صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا جي خاطر