Mohabbat e Auliya Ke Fazail

Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail

حضورِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن فرمايو: منهنجو مُريد چاهي ڪيڏو ئي گناهگار ڇو نه هجي اهو ان وقت تائين نه مرندو جيسيتائين توبهه نه ڪري وٺي (بہجۃ الاسرار،ذکر فضل اصحابہ و بشراہم،صفحہ:191۔)

 ۽ جيڪو توبهه ڪري دنيا کان وڃي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دوزخ کان بچي جنت ۾ وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو.

میں جہنم میں نہ اَب جاؤں گا اِنْ شَآءَ اللہُ                                                       رَہنُما تم کو جو میں نے ہے بنایا یاغوث([1])

شيطاني وسوسن جي ڪاٽ

پيارا اسلامي ڀائرو!  حضورِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو پنهنجي مريد کي زندهه ڪرڻ ۽ توبهه جي تلقين ڪرڻ اسان جي غوث پاڪ جي زبردست ڪرامت آهي. ڪي ماڻهو اَولياءِ ڪرام جون اهڙيون ڪرامتون ٻڌي مختلف شيطاني وسوسن جو شِڪار ٿي ويندا آهن، مثال طور اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟ مريد کي زِنده ڪرڻ ۽ موت ڏيڻ ۽ توبه جي تلقين ڪرڻ، هڪ انسان ڪيئن مردا زِنده ڪري سگھي ٿو؟ جيڪو هڪ ڀيري موت جو شڪار ٿيو، ان جو ٻيهر دنيا ۾ اچڻ، زِنده ٿيڻ ممڪن ئي نه آهي؟ وغيره وغيره انهن سڀني وسوسن جو هڪ ئي جواب آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو:  وَ مَا كَانَ عَطَآءُ رَبِّكَ مَحْظُوْرًا  (پاره:15،سورۂ بني اسرائيل:20)

ترجمو ڪنزالعرفان:  ۽ تنهنجي رب جي عطا تي ڪا پابندي نه آهي.

معلوم ٿيو الله پاڪ جي عطا ۾ ڪا رَوڪ ناهي، الله پاڪ جنهن کي جيترو چاهي عطا فرمائي، جيڪو چاهي عطا فرمائي۔ جيڪڏهن الله پاڪ پنهنجي ڪنهن ٻانهي کي مُردَا زِنده ڪرڻ جي طاقت عطا ڪري ٿو ته ڪنهن


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:541۔