Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail
جيڪي محفلون ٿينديون آهن، انهن جي ايصال ثواب جي لاءِ جيڪا تلاوت ٿيندي آهي، کاڌو، پاڻي ۽ شيرڻي وغيره تقسيم ڪئي ويندي آهي، بکايلن کي کاڌو کارايو ويندو آهي، انهن جي محبت ۾ انهن جهڙا عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، انهن نيڪ اعمال جو ثواب)، ان اجر کان الڳ آهي. (مرآۃ المناجیح،جلد:6 ،صفحہ:605 بتغیر قلیل)
مری مغفرت کر برائے صحابہ جگہ خلد میں از پئے اولیا دے
عذابِ جہنّم سے خوف آ رہا ہے مجھے بخش، کر در گزر ہر خطا دے([1])
الله پاڪ جو پيارو بڻائڻ وارو عمل
اي عاشقانِ رسول! اولياءِ ڪرام سان الله پاڪ جي رضا جي لاءِ محبت رکڻ جون ڪهڙيون نه برڪتون آهن، بيان به ڪيون ته آخر ڪيستائين ڪيون؟ ان پاڪيزه ۽ ايماني محبت جي هڪ بهترين برڪت اها به آهي ته جيڪو ٻانهو اولياءِ ڪرام سان محبت ڪندو آهي، اهو الله جو محبوب(يعني پيارو بڻجي ويندو آهي. عاشق مدينه، حضرت امام مالڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ واقعو لکيو آهي ته حضرت ادريس خولاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو مان دمشق جي مسجد ۾ ويس، مون ڏٺو اتي هڪ نوراني چهري وارو بُزرگ ويٺو آهي، ماڻهو سندس آسپاس ويٺا آهن،(علم دين سکڻ سيکارڻ جو سلسلو هلي رهيو آهي) جڏهن به ماڻهن کي پاڻ ۾ ڪو اختلاف ٿئي پيو(مثلاً علم جي ڪا ڳالھ سمجهڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي پئي) ته هُو انهيءَ نوراني چهري واري بُزرگ کان پڇن پيا، هُو انهن جو مسئلو حل ڪري ڇڏين پيا. مون ماڻهن کان پڇيو: هي نوراني چهري وارو بُزرگ ڪير آهي؟ جواب مليو: ہٰذَا مُعَاذُ بْنُ جَبَل يعني هي صحابي رسول حضرت