Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail
شهيد، پوءِ به روزِ قيامت انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلام ۽ شهيد انهن جو مقام ڏسي رَشڪ ڪندا اهي ماڻهو نور جي منبرن تي بلند هوندا، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي الله پاڪ جي ٻانهن کي الله پاڪ جو محبوب(يعني پيارو) بڻائي ڇڏيندا آهن ۽ هو زمين تي نصيحتون ڪندي هلندا آهن۔ عرض ڪيو ويو: هو ڪهڙي طرح ماڻهن کي الله پاڪ جو محبوب بڻائيندا آهن؟ فرمايائون: هو ماڻهن کي الله پاڪ جي پسنديده ڳالهين جو حڪم ڏيندا آهن ۽ بُري ڳالهين کان منع ڪندا آهن. اچو ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌايان ٿو.!
ضلعو غازي پور (يوپي، هند) هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي عصر جي نماز کان بعد علاقائي دوري جي سلسلي ۾ هڪ حجم جي دڪان تي پهتاسين جتي ڪجھ ماڊرن نوجوان ڪچهريءَ ۾ مصروف هئا، رهنما اڳتي وڌي ڪري تعارف ڪرايو ته نيڪي جي دعوت ڏيڻ واري اسلامي ڀاءَ فوراً ڏکوئيندڙ انداز ۾ نيڪي جي دعوت ڏيڻ شروع ڪئي. نيڪي جي دعوت کان بعد انهن کي مسجد هلڻ جي دعوت ڏني انهن انڪار ڪيو پر عاشقانِ رسول جي محبت ڀري اصرار تي آخرڪار اهي نماز کان بعد ٿيڻ واري بيان ۾ شرڪت ڪرڻ تي راضي ٿي ويا. نماز کان بعد جيئن ئي بيان شروع ٿيو اهي سڀئي اچي ويا، بيان جي آخر ۾ ايمان جي دولت جي اهميت کي اجاگر ڪندي ايمان جي حفاظت جي لاءِ فڪرمند رهڻ جو ذهن ڏنو. ان کان بعد هُو مسجد کان ٻاهر هليا ويا. اڃا ٿورو ئي وقت گذريو هوندو جو اهي وري واپس آيا انهن جي چهرن جا تاثرات ڪنهن وڏي انقلاب کي ظاهر ڪري رهيا هئا، اهي چوڻ لڳا: اسان غير مسلم آهيون اسان کي ڪلمو پڙهائي مسلمان ڪري ڇڏيو! اسان مسلمان ٿيڻ چاهيون ٿا. امير قافله فوراً ڪلمو شريف پڙهائي ڪري انهن سڀني