Mohabbat e Auliya Ke Fazail

Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail

هٽائي ڪري اهو غوثِ پاڪ جو ديوانو اُٿي پيو، ماڻهو خوف سبب ڀڄڻ لڳا، ان پڪاريندي چيو: ڊڄو نه، ٻُڌو ته سهي! ماڻهو جڏهن ويجهو آيا ته چوڻ لڳو: ڳالهه دراصل هي آهي ته هينئر ئي منهنجا يارهينءَ وارا آقا، پيرن جا پير، پيرِ دستگير، روشن ضمير، قُطبِ ربّاني، محبوبِ سُبحاني، غوثُ الصَّمَداني، قنديلِ نوراني، شهبازِ لامڪاني، پيرِ پيران، ميرِ ميران، الشيخ ابو محمد عبدالقادر جيلاني قُـدِّسَ سِـرُّہُ الـرَّبَّـانِی  تشريف فرما ٿيا، پاڻ   رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  مون کي ٿُڏو هنيائون ۽ فرمايائون: اسان جو مُريد ٿي ڪري  بغير توبهه ڪرڻ جي مري وئين؟ اُٿ ۽ توبهه ڪري وٺ.

  اَلحَمدُلله منهنجو روح واپس آيو آهي ته جيئن مان توبهه ڪريان، ايترو چوڻ کان پوءِ ديواني پنهنجن تمام گناهن کان توبهه ڪئي ۽ ڪلمي پاڪ جو ورد ڪرڻ لڳو، پوءِ اوچتو ان جو مٿو هڪ طرف لڙي ويو ۽ سندس انتقال ٿي ويو. )جنات کا بادشاہ،صفحہ:3- 4 بتغیر قلیل۔)

رضاؔ  کا  خاتِمہ بِالخیر  ہوگا    اگر  رَحمت  تری  شامل ہے  یاغوث

   وضاحت: جيڪڏهن تنهنجي شفقت ۽ عنايت گڏ رهي ته اي منهنجا پير! اي پيارا غوث پاڪ! اوهان جي سچي عاشق احمد رضا (رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه) جو خاتمو چڱو ۽ بهترين ٿيندو.

غوث پاڪ جي ديوانن کي مبارڪون

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي غوث پاڪ شيخ عبدالقادر جيلاني  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي ڇاته نرالي شان آهي. اَلحَمۡدُلله! جيڪي غوث اعظم  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جا ديوانا آهن، سندن مريد آهن، انهن جي لاءِ خوشخبري آهي جو سرڪارِ بغداد