Share this link via
Personality Websites!
428648
7157
دشمني هجي، اهو ٻانهو ڪڏهن به الله پاڪ جو پسنديده ٻانهو نه ٿو بڻجي سگهي، ايئن هرگز نه ٿو ٿي سگهي ته ٻانهي جي دل ۾ اولياءِ ڪرام جي دشمني به هجي ۽ اهو ان دشمني سان گڏوگڏ الله پاڪ کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب به ٿي وڃي، ڇو؟ ان ڪري جو جنهن جي دل ۾ اولياءِ ڪرام جي دشمني هجي، الله پاڪ ان سان اعلان جنگ فرمائيندو آهي.
امام احمد بن حنبل رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪتاب اَلزُّهد ۾ آهي: الله پاڪ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کي فرمايو: اي موسيٰ ياد رکو! جيڪو ٻانهو منهنجي ڪنهن وليءَ جي گستاخي ڪندو آهي يا ان کي خوفزده ڪندو آهي ته بيشڪ ان مون سان جنگ جو اعلان ڪيو. پوءِ مان پنهنجي ولين جي تمام جلد مدد فرمائيندو آهيان. * ڇا مون سان جنگ جو اعلان ڪرڻ وارو اهو سمجهي ٿو. * ته اهو منهنجي سامهون بيهي سگهندو؟. * ڇا اهو هي سمجهي ٿو ته مونکي عاجز ڪري ڇڏيندو؟ * ڇا اهو هي سوچي ٿو ته مون سان اڳتي وڌي ويندو؟. * ڇا اهو مون کي شڪست ڏيندو؟ ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي....؟ جڏهن ته مان دنيا ۽ آخرت ۾ پنهنجي اولياء جو بدلو وٺڻ وارو آهيان. ([1])
الله! الله! هي ڪيترو ته غضب وارو ڪلام آهي. اولياءِ ڪرام کان دشمني رکڻ وارن کي ڪيئن ملامت ڪئي وئي آهي..!! تاريخ گواھ آهي، جنهن به اولياءِ ڪرام کي تڪليف پڄائي آهي ان جو انجام عبرتناڪ ئي ٿيو آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami