Mohabbat e Auliya Ke Fazail

Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail

صحابيءِ رسول   رَضِىَ الله عَنْه   جن جڏهن پڇيو ته قيامت ڪڏهن ايندي؟ ته) پاڻ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جن انهن جو جواب ڏيڻ جي بدران فرمايو: وَمَاذَااَعْدَدْتَ لَہَا؟  توهان قيامت جي لاءِ ڇا تياري ڪئي آهي؟

(صحابهءِ ڪرام  رَضِىَ الله عَنْهم  يقيناً نمازون به پڙهندا هئا، تلاوت به ڪندا هئا، روزا به رکندا هئا، نيڪيون به ڪندا هئا پر صحابي رسول  رَضِىَ الله عَنْه  جو مبارڪ انداز ڏسو پاڻ ڪنهن نيڪيءَ تي ڀروسو نه ڪيائون، بلڪه) عرض ڪيائون: لَاشَیْءَ يعني يارسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! مان ڪا تياري ته نه ڪري سگهيو آهيان. (نمازون ته آهن، نيڪيون ته آهن پر انهن تي ڀروسو نه آهي، الله پاڪ چاهي ته قبول فرمائي، نه چاهي ته قبول نه فرمائي اِلّا اَنِّی اُحِبُّ اللہَ وَرَسُوْلَہٗ البته مون وٽ هڪ دولت آهي ۽ قيامت جي لاءِ مون وٽ اهو ئي هڪ سهارو آهي ۽ اهو هيءَ آهي ته مان الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب سان محبت ڪندو آهيان.

رسولِ اڪرم، نورِ مجسم  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جن اِهو ٻڌي فرمايو: اَنْتَ مَعَ مَنْ اَحْبَبْتَ يعني توهان جنهن سان محبت ڪيو ٿا، قيامت جي ڏينهن انهيءَ سان گڏ رهندؤ.( بخاری،کتاب فضائل اصحاب النبی،باب مناقب عمر بن الخطاب...الخ،صفحہ:934 ،حدیث:3688۔)

پوچھے گا مولیٰ لایا ہے کیا کیا؟                                                                         میں  یہ  کہوں  گا،  نامِ مُحَمَّدِ ([1])

سُبْحٰنَ اللہ! هن حديث شريف مان معلوم ٿيو ته دنيا ۾ انسان جنهن سان محبت ڪندو آهي، قيامت جي ڏينهن انهيءَ سان گڏ اٿاريو ويندو. هاڻي ٿورو غور فرمايو! اهي ڪيترا خوش نصيب آهن.  *  جيڪي غوث پاڪ کان محبت ڪن ٿا.  *  خواجه ۽ رضا سان محبت ڪن ٿا.  * اولياءِ ڪرام جي نالي جون


 

 



[1]...قبالۂ بخشش، صفحہ:135۔